21 اتوار , جنوری 2018

ايل او سي جي ڀڃڪڙي، ڀارتي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر طلب

اسلام آباد (بيورو ) پاڪستان ڀارت جي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول جي ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي.  پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر تي ڀارتي فورسز طرفان بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت شهري جي شهادت تي پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري شديد احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ڊي جي سائوٿ ايشيا ڊيسڪ ڊاڪٽر فيصل ڀارتي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به ڏنو جنهن ۾  چيو ويو ته 11 جنوري تي ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر تي ڀارتي فورسز جنگبندي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جتي نتيجي ۾ 65 ورهين جي عورت حسين بي بي شهيد ٿي وئي. ترجمان موجب ڀارتي فوج 12 ڏينهن دوران 70 ڀيرا ۽ هڪ سال دوران 1900 ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر سميت جنگبندي جي ڀڇڪڙي جي واقعن جي جاچ ڪئي وڃي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قصور/لاهور (م ڊ) پنجاب پوليس زيادتي جو شڪار زينب جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے