سلام آباد ( بيورو ) قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي معاملي تي حڪومت۽ مخالف ڌر ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جڏهن ته حڪومت ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ فاٽا بابت بل ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو، جنهن کي محمود بشير ورڪ پيش ڪيو. ايوان بل ۾ پيش ڪيل ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪندي سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. جي يو آءِ س جي ميمبر نعيما ڪشور بل جي مخالفت ڪئي. بل جي منظوري کانپوءِ فاٽا جي ميمبرن چيو ته اڄوڪو ڏينهن قبائلين لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي.043041