21 اتوار , جنوری 2018

بني گالا قانون کان مٿاهون آهي ڇا، عمران خان غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪپتان بڻجي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ بني گالا حددخلين ۽ غير قانوني اڏاوتن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثابت نثار چيو ته ڇا بني گالا قانون کان مٿاهون آهي جو غير قانوني اڏاوتون ٿيون.عمران خان جي بني گالا رهائش جي غير قانوني هئڻ بابت درخواستون آهن. جيڪڏهن تعمير قانون موجب آهي ته ٺيڪ آهي، عمران خان غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪپتان ٿئي، چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ بني گالا ۾ حددخلين ۽ غير قانوني اڏاوتن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس غير قانوني الاٽمينٽ جي معاملي تي ڌيان ڇڪائيندي چيو ته غير قانوني اڏاوتن جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس عمران خان جي رهائشگاهه بابت ريمارڪس ڏيندي پڇيو ته ڇا بني گالا قانون کان مٿاهون آهي، جو غير قانوني تعمير ٿيو. عمران خان وٽ گهر جو نقشو آهي ته اهو پاس ڪرائي. ليڊر کي هر معاملي تي اڳيان اچي ليڊ ڪرڻ گهرجي، عمران خان غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪپتان بڻجي، انت ي عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته عمران خان جو گهر غير قانوني اڏاوتن ۾ شامل نه آهي. چيف جسٽس چيو ته عمران خان جو گهر غير قانوني هئڻ جو نه چيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن درخواستون ڏنيون آهن،جيڪڏهن بني گالا جي اڏاوت قانون موجب آهي ته ٺيڪ آهي، چيف جسٽس سمورين ڌرين کي مسئلن جي نشاندهي ۽ حل لاءِ تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عدالت اڏاوتن کي تباهه نه ڪندي، غير قانوني اڏاوتن جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪرڻوپوندو.سپريم ڪورٽ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته عمران خان بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتن جي حوالي سان چيف جسٽس کي خط لکيو هو، جنهن۾ نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سي ڊي اي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.3306

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قصور/لاهور (م ڊ) پنجاب پوليس زيادتي جو شڪار زينب جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے