21 ہفتہ , اپریل 2018

امداد جي بحالي لاءِ نه چونداسين، تازا بيان قوم دوکو سمجهي ٿي: آرمي چيف جو جواب

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جوزف وٽل رابطو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان فون تي رابطو ڪيو.  ترجمان موجب آمريڪي سينٽ ڪمانڊ جي ڪمانڊر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي فوجي امداد بابت آمريڪي فيصلي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪردار کي ساراهين ٿا. سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال عارضي مرحلو آهي. ترجمان موجب هڪ آمريڪي سينيٽر به آرمي چيف سان رابطو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب جنرل جوزف چيو ته آمريڪا پاڪستان اندر ڪنهن هڪ طرفي ڪارروائي جو نه سوچي رهيو آهي. افغانستان خلاف پاڪستاني سرزمين استعمال ڪندڙن کي منهن ڏيڻ ۾ تعاون چاهيون ٿا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪي جنرل کي واضح طور ٻڌايو ته پاڪستان آمريڪا کي امداد جي بحالي لاءِ نه چوندو. آمريڪي امداد نه به هجي دهشتگردي جي خلاف مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکنداسين ۽ اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي انجام تي رسائينداسين. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان آپريشن ردالفساد ذريعي اڳ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ۾ هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستاني قوم سمجهي ٿي ته ڪيترن ئي سالن کان تعاون باوجود تازن بيانن سان دوکو ڏنو ويو آهي. اهڙي قسم جو يڪراءِ قومي رد عمل اهڙن ئي جذن کي واضح ڪري ٿو. افغان ڪمانڊر افغان مهاجرن جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف افغان مهاجرن جي واپسي کي انتهائي ضروري قرار ڏنو.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

علي جهانگير صديقي جي آمريڪا ۾ مقرري تي حڪومت کان جواب طلب

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ علي جهانگير صديقي کي آمريڪي سفير مقرر ڪرڻ خلاف داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے