26 جمعرات , اپریل 2018

ڊڄڻ وارا ناهيون، حالتن جو مقابلو ڪنداسين: نواز شريف

لاهور(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حالتن ۽ ڪوڙن ڪيسن جو ڄمي مقابلو ڪبو. اهڙو اظهار هن جاتي امرا فارم هائوس ۾ ڪارڪننسان ڳالهائيندي ڪيو.ان موقعي اڳوڻي وزيراعظم ڪارڪنن جي مسئلن کي پڻ ٻڌو. ڪارڪنن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته حالتن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ڪارڪن گڏ رهن ڇو ته عوامي رابطا مهم ۾ کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نواز شريف جو چوڻ هو ته مخالف اسان جي خلاف جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن، انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ماضي جي ڪوڙن ڪيسن کي به منهن ڏنو ۽ هاڻ به ڏينداسين، 2018ع ۾ عوام احتجاج ۽ ڌرڻي جي سياست کي رد ڪري ن ليگ سان جو ساٿ ڏيندو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے