18 سومر , جون 2018

نيوزيلينڊ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 183 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڊونيڊن ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 183 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پهريون بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 257 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. نيوزيلينڊ جو ڪولن منرو 8 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو جڏهن ته مارٽن گپٽن 45 رنسون ٺاهي موٽيو. ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن 73 رنسون ٺاهي رومان رئيس جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ليٿم کي به رومان رئس 35 تي پويلين جو رستو ڏيکاريو. هينري نڪولس کاتو کولڻ کانسواءِ شاداب خان جو شڪار ٿيو، جڏهن ته مچل سينٽر 6، ٽم سائوٿي 6 ۽ ٽرينٽ بولٽ 13 رنسون ٺاهيون، ٽئي حسن علي جو شڪار ٿيا. ٽوڊ ايسٽل 5 رنسون ٺاهي رومان رئيس جي بال تي آئوٽ ٿيو. هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿي وئي ۽ سموري ٽيم 74 رنسن تي ڍير ٿي وئي جيڪو نيوزيلينڊ ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل ٽيم جو ٻيو گهٽ ترين اسڪور آهي. اننگز جي شروعات ۾ پاڪستاني ٽيم ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي، اوپنر اظهر علي، محمد حفيظ کاتو کولڻ کانسواءِ ئي پويلين واپس موٽي ويا، فخر زمان 2، بابر اعظم 8، شعيب ملڪ 3، شاداب خان ٻڙي، فهيم اشرف 10، حسن علي هڪ، محمد عامر 10 ۽ رومان رئس 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. نيوزيلينڊ جي ٽيم پنجن ميچن جي سيريز ۾ ٽن جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے