21 اتوار , جنوری 2018

سيوهڻ ۾ دل جي علاج جو مرڪز

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جي ترقي لاءِ پنهنجي وعدي تي سئو سيڪڙو قائم آهيون. سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ باوجود اڃا مسئلا آهن.

ڪالهه سيوهڻ ۾ دل جي وارڊ جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته مهانگو علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ هاڻي هڪ رپيو به خرچ نه ايندو آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪم جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي پوءِ به چون ٿا ته سنڌ سرڪار ڇا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ رڳو اڍائي سو سائبر نائف مشينون آهن، جيڪي سنڌ ۾ به موجود آهن. هن چيو ته هاڻي دل جي مرض جو علاج عام ماڻهن جي پهچ ۾ ٿي پيو آهي. ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ عالمي معيار جون جديد اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ دل جي اسپتال(اين آءِ سي وي ڊي) پنهنجي خدمتن کي بهترين ڪري ڇڏيو آهي. اسان بيقرار دلين کي قرار ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان بي آرام مريضن کي آرام ڏيڻ چاهيون ٿا. ماڻهن کي جوڙڻ پ پ جي روايت آهي.

سندس چوڻ هو ته سيوهڻ شريف انسانيت لاءِ هڪ پناهگاهه آهي، سموري دنيا مان هر نسل، رنگ ۽ هر فرقي جا ماڻهو سيوهڻ ايندا آهن. هن چيو ته سموري دنيا جي ماڻهن کي اسپتال مان فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان جي منزل خوشحال سنڌ ۽ مضبوط پاڪستان آهي. هن چيو ته بدين ۾ ٿيليسميا سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سجاول ۽ ٺٽي ۾ مفت ايمبولينس سروس شروع ڪئي، ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر قائم ڪيو ويو. هن چيو ته سياسي يتيمن جي ٽولي وزيرن، صلاحڪارن ۽ پيٽ پرستن جي ڀرتي کانسواءِ ڇا ڪيو، ملڪي آزادي کانپوءِ جيڪڏهن انسانن جي ترقي لاءِ ڪنهن ڪم ڪيو ته اها پ پ آهي. هن چيو ته سندس پارٽي سرڪار سموريون توانايون ماڻهن کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي تي خرچ ڪيون آهن.

سنڌ سرڪار کي گذارش آهي ته جيڪي به ڪم صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ٿي رهيا آهن انهن کي برقرار رکڻ ۽ ادارن کي فعال بڻائڻ جا پڻ ساڳئي وقت ڪم ڪري ته جيئن ادارن جي هوندي سماج تي مسلسل هاڪاري اثر پوندا رهن.

ڇنڇر 13  جنوري  2018ع،  25 ربيع الثاني  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ جو احترام هر ڪنهن تي لازم هئڻ گهرجي

دنيا جي ملڪن ۾ هر قسم جي سياست ٿيندي آهي ۽ ٿي رهي به آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے