25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ملڪي ترقي لاءِ سياسي مضبوطي انتهائي اهميت تي ٻڌل آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اسان کي محاذ آرائي کان پاسو ڪرڻو پوندو ڇو ته ملڪي ترقي لاءِ سياسي مضبوطي انتهائي اهميت تي ٻڌل آهي. وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ قومي اندرين سلامتي پاليسي  23-2018ع بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، دهشتگردي جي خاتمي واري فورس جي اختيارين، صوبائي گهرو کاتي، ايڇ اي سي او ۽ گهرو وزارت جي اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته اسان ملڪ ۾ امن ۽ مضبوطي قائم ڪري کيس ترقي ڏانهن گامزن ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪنالاجي جي انقلاب سان گڏوگڏ خطرن جي نويعت تبديل ٿي رهي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي محاذ آرائي کان پاسو ڪرڻو پوندو ڇو ته ملڪي ترقي لاءِ سياسي مضبوطي انتهائي اهميت تي ٻڌل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے