23 ڇنڇر , جون 2018

ٻن ناڪامين کانپوءِ ڪپتان تي آڱريون کڻڻ درست ناهي: وسيم اڪرم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم چيو آهي ته نيوزي لينڊ جي سرزمين تي پاڪستاني ٽيم مان اهڙن ئي نتيجن جي اميد هئي، ڪو به اهڙو بيٽسمين نظر نه اچي رهيو آهي جيڪو اعتماد سان ڊگھي اننگز کيڏي سگھي. صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کٽي آهي، جيڪڏهن رانديگر چيمپيئن ٿي کيڏن ۽ پاڻ کي ذهني طور مضبوط ڪن ته ٽيم سيريز ۾ ڪم بيڪ ڪري سگھي ٿي. هن چيو ته سڀني کي خبر هئي ته نيوزي لينڊ ۾ پاڪستان ٽيم اهڙا ئي نتيجا ڏيندي، بدقسمتي سان پاڪستان وٽ ڪو اهڙو بيٽسمين ناهي، جيڪو هڪ ٻه وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ اعتماد سان ڊگھي اننگز کيڏي سگھي. وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته رڳو ٻن ناڪامين کانپوءِ سرفراز احمد جي ڪپتاني تي آڱريون کڻڻ درست ناهي، پاڪستاني بالرن کان نيوزي لينڊ ۾ بال سوئنگ نه ٿي رهيو آهي، محمد عامر کي بال جي ڊيليوري وقت پنهنجي انداز کي بهتر بڻائڻ گھرجي، جنهن لاءِ هو کيس دبئي ۾ ٽپس ڏئي چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جو انگ  گهٽ ڪندي معاوضو وڌائي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل ڪنٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جي انگ کي گهٽ ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے