19 جمعہ , جنوری 2018

ميسي بارسلونا کي ڪوپا ڊيل ري ليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو

بارسلونا (اسپورٽس نيوز) جڳ مشهور فٽبالر ليونل ميسي جي شاندار ڪارڪردگي عيوض بارسلونا ڪوپا ڊيل ري فٽ بال ليگ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. بارسلونا مخالف ٽيم سيلٽا ويگو کي ايگريگيٽ اسڪور 1-6 تان هارائي لاسٽ ايٽ ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ڪوپا ڊيل ري جي سلسلي ۾ کيڏيل پري ڪوارٽر فائنل سيڪنڊ ليگ ميچ ۾ بارسلونا بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف ٽيم سيلٽاويگو ڪلب کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ فرسٽ ليگ ميچ 1-1 تان برابر رهي هئي، تنهن ڪري بارسلونا مجموعي طور 1-6 تان ڪاميابي ماڻي فائنل ايٽ ۾ جڳهه پڪي ڪري ورتي. فاتح ٽيم طرفان سيڪنڊ ليگ ميچ ۾ ليونل ميسي ٻه، ايلبا، سوريز ۽ راڪي ٽڪ هڪ – هڪ گول ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

باڪسر سوني بل وليمز جو سعودي عرب دورو ۽ عمري جي ادائيگي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جي باڪسر سوني بل وليمز هلندڙ مهيني عمره ادا ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے