22 جمعو , جون 2018

گال گيڊٽ ڪريٽڪس چوائس ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاس اينجس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا گال گيڊٽ کي ناليواري آمريڪي ڪريٽڪس چوائس ايوارڊ دوران ”سي هر“ ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهو ايوارڊ گال گيڊٽ کي سندس فلاحي ڪم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن سان گڏوگڏ هلندڙ سال سندس ڪامياب فلم ”ونڊر وومين“ ۾ بهترين ڪارگردگي ادا ڪرڻ تي ڏنو ويو. ايوارڊ قبول ڪندڙ دوران اداڪارا گال گيڊٽ چيو ته مون سڄي حياتي مضبوط، آزاد ۽  صاف دل عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيو پئي ۽ مون کي اهي سڀ صلاحيتون ونڊر وومين ۾ نظر پئي آيون. هن هالي ووڊ ۾ عورتن کي هيسائڻ واري معاملي تي آواز اُٿارڻ واري عمل به ساراهيندي چيو ته مان پنهنجو ايوارڊ هر ان عورت ۽ مرد جي نالي ڪريان ٿي، جيڪي صحيح سچ لاءِ آواز اُٿارين، انهن لاءِ آواز اُٿارين، جيڪي پاڻ لاءِ به آواز نٿا اُٿاري سگھن ۽ مان واعدو ڪريان ٿي ته ڪڏهن به خاموش نه رهنديس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنگنا هڪ ڀيرو ٻيهر راج ڪمار رائو سان گڏ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪوئين ڪنگنا رناوت هڪ ڀيرو ٻيهر راج ڪمار رائو سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے