25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ چينين جون ڪارروائيون، سنڌ حڪومت جو معاملي تي وفاق کي خط لکڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيني شهرين جي ڪارروائين بابت سنڌ حڪومت معاملي تي وفاق کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تفصيل موجب ان حوالي سان سنڌ جي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته چيني شهرين جي رجسٽريشن بابت قانونسازي تي خط لکيو ويندو ڇو ته سنڌ حڪومت وٽ چيني شهرين جي ڊيٽا ناهي، هوائي رستن ذريعي ايندڙ چينين جي ڊيٽا وفاق وٽ آهي. هن چيو ته  مسواڙ تي گهر وٺي رهندڙ چيني ٿاڻي ۾ رجسٽريشن ڪرائين ويندي جڏهن ته اسان به ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته چينين جي رجسٽريشن ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے