19 جمعہ , جنوری 2018

حالتن ۽ ڪوڙن ڪيسن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين: نواز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حالتن ۽ ڪوڙن ڪيسن جو ڄمي مقابلو ڪبو. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پنهنجي گهر جاتي امرا فارم هائوس ۾ ڪارڪنن سان گڏ جمعي جي نماز ادا ڪئي. نواز شريف ڪارڪنن ڳالهيو ڪيون  ۽ سندن مسئلن کي ٻڌو. ڪارڪنن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته حالتن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ڪارڪن گڏ رهن ڇو ته عوامي رابطا مهم ۾ کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نواز شريف جو چوڻ هو ته مخالف اسان جي خلاف جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن، انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ماضي جي ڪوڙن ڪيسن کي به منهن ڏنو ۽ هاڻ به ڏينداسين، 2018ع ۾ عوام احتجاج ۽ ڌرڻي جي سياست کي رد ڪري ن ليگ سان جو ساٿ ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ رشيد احمد استعيفيٰ جو شوشو ڇڏي دبئي هليو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد احمد قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے