19 جمعہ , جنوری 2018

رائيونڊ روڊ ڪرپشن ريفرنس: نيب خاص ٽيم جوڙي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب رائيونڊ روڊ ڪرپشن ڪيس جي جاچ لاءِ خاص ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. گذريل مهيني 27 ڊسمبر تي نيب ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ رائيونڊ ۾ غير قانوني روڊ جي تعمير  تي شريف ڀائرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. ريفرنس ۾ الزام لڳايو ويو ته سال 2000ع ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف تي مبينا طور تي رائيونڊ مان پنهنجي گهر تائين غير قانوني ٻٽو روڊ تعمير ڪري قومي ناڻي کي تقريبن ساڍا 12 ڪروڙ رپين جو نقصان رسايو. ميڊيا جي رپورٽن موجب قومي احتساب بيورو (نيب) رائيونڊ روڊ ڪرپشن ريفرنس جي لاءِ خاص ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. نيب ذريعن ٻڌايو ته نيب ڪرپشن ڪيس جو رڪارڊ به گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. نيب ذريعن موجب 2016ع تائين اها انڪوائري رولڙي جو شڪار رهي ۽ ان ڪيس جي جاچ جي شروعات اپريل 2001ع ۾ ڪئي وئي. نيب ذريعن موجب هڪ اسڪول ۽ ڊسپنسري جي بجيٽ رائيونڊ روڊ جي تعمير تي خرچ ڪئي وئي، جاچ موجب 12 ڪروڙ 56 لک کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي وئي. نيب ذريعن موجب نيب چيئرمين معامل جي سڌي سنئين انويسٽي گيشن جو حڪم ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ رشيد احمد استعيفيٰ جو شوشو ڇڏي دبئي هليو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد احمد قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے