24 سومر , سيپٽمبر 2018

ترڪي جي پنهنجن شهرين کي آمريڪا جي سفر ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو آمريڪا جي سفر ۾ احتياط ڪن. ترڪي جي پرڏيهي وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران آمريڪا ۾ تشدد ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڏسجڻ ۾ آئي آهي ان ڪري ترڪ شهري پنهنجي آمريڪي دوري تي نظر وجھن يا گھٽ ۾ گھٽ آمريڪا جي سفر دوران احتياط ڪن ڇو ته کين آمريڪا ۾ سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. پرڏيهي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ شهرين کي بنا سبب گرفتارين کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو خاص طور ترڪي جا ملازم جيڪي ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ آمريڪا ۾ موجود آهن، کين بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪري سگھجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے