19 جمعہ , جنوری 2018

پاڪستان کي تڪليف جو احساس ڏيارڻ اسان جي پاليسي آهي: ڀارتي آرمي چيف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان کي تڪليف جو احساس ڏيارڻ اسان جي پاليسي آهي. نئين دهلي ۾ سالياني پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت چيو آهي ته چين طاقتور ملڪ آهي ۽ ڀارتي سرحدن تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي پر ڀارت به ڪمزور ناهي، سرحد تي چين کان خطرو آهي پر ڀارتي فوج ڪنهن به چيني جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ وقت اچي ويو آهي ته هو پنهنجو ڌيان اتر سرحد تي ڏئي. آمريڪا جي پاڪستان کي ڌمڪي بابت سوال جي جواب ۾ ڀارتي آرمي چيف چيو ته ڀارت کي “ڏسو ۽ انتظار ڪريو” واري پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان دهشتگردن کي ٽشو پيپر طور استعمال ڪري اُڇلي ڇڏيندو آهي پر ڀارتي فوج هميشه ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته پاڪستان کي به تڪليف جو احساس ڏياريو ويندو آهي. هن چيو ته ايٽمي، ڪيميائي، حياتياتي ۽ آٽوميٽڪ هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي هاڻي حقيقت اختيار ڪري چڪي آهي، ايندڙ جنگ کٽڻ لاءِ فوج کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻو پوندو. جنرل بپن راوت ٻُڌايو ته هن سال ولاريل ڪشمير جي اترين علائقن ۾ آپريشن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو، 2017ع ۾ ڀارتي فوج ڏکڻ ڪشمير ۾ وڌيڪ آپريشن ڪيا ۽ هن سال اتر ڪشمير جي علائقن بارا مولا، پٽن، هنڊوارا، ڪپواڙا، سوپور، لولاب ۽ بانڊي پورا ۾ وڌيڪ فوجي آپريشن ڪيا ويندا. جنرل بپن راوت خطي ۾ چين جي وڌندي اثر جي حوالي سان چيو ته ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي چين اثر هيٺ نه وڃڻ ڏيندا سين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قازقستان ۾ بس کي باهه، 52 ڄڻا سڙي فوت

استانا(ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ بس ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 52 ڄڻا سڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے