23 ڇنڇر , جون 2018

ڪراچي: نينگر سان مبينا زيادتي جا جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نينگر  سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب 11 سالن جي نينگر  سان ٻه ڏينهن اڳ 30 کان 35 ۽ 18 کان 20 سالن جي جوابدارن زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي. تنهن هوندي نينگر  پنهنجي وارثن کي جوابدارن خلاف دانهن ڏني جنهن تي وارثن پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي جنهن بعد پوليس گذريل رات ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته نينگر  کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ابراهيم حيدري ۾ مبينا طور تي اسڪول جي چوڪيدار 5 سالن جي نينگر  کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن مارڪٽ بعد رينجرز جي حوالي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ٻاهران گندگي جا ڍير، چيف جسٽس طرفان ڪاوڙ جو اظهار

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جو دورو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے