20 خميس , سيپٽمبر 2018

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي خاتمي لاءِ ميمبرن کان تجويزون گهري ورتيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ٻارن سان جنسي زيادتي جي واقعن جي خاتمي لاءِ ميمبرن کان تجويزون گهري ورتيون آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران مملڪتي وزير طلال چوڌري ايوان کي زينب قتل ۽ ان کان پوءِ واري صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ميمبرن زينب قتل سميت ٻارن سان زيادتي وارن واقعن جي خاتمي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون.  طلال چوڌري بريفنگ دوران چيو ته ٻارن سان زيادتي جا واقعا سڄي پاڪستان ۾ ٿي رهيا آهن، هڪ ننڍڙي ڪميٽي بڻايون ٿا جيڪي جائزو وٺي ته اهڙا واقعا نه ٿين، مستقبل ۾ اهڙو قانون بڻايو وڃي جيئن اهڙا واقعا پيش نه اچن. طلال چوڌري چيو ته زينب قتل جي معاملي ۾ سڄي اداري کي تنقيد جو هدف نه بڻايو وڃي، پنجاب پوليس ئي ڪلاڪن ۾ ڏهارين تائين پهچندي. طلال چوڌري چيو ته قصور ۾ باهه لڳائي وئي،  ماڻهن کي حالتون خراب ڪرڻ لاءِ ورغلايو ويو، سوشل ميڊيا تي مسلم ليگ ن جي ايم پي ايز جا نمبر ڏئي ماڻهن کي ورغلايو ويو، سرڪاري شين کي نقصان پهچايو ويو، سياسي پارٽين جي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي. طلال چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته هن وقت قصور ۾ ٽي ايف آءِ آر داخل ڪيا ويا آهن، 37 ڄڻن کي وڳوڙن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب به چيو ته پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ان مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو مضمون ڪنهن به نصاب ۾ شامل ناهي، جڏهن به ان حوالي سان مضمون نصاب ۾ شامل جي ڳالهه ٿيندي آهي ته هنگامو شروع ٿي ويندو آهي.  جماعت اسلامي جي پارلياماني ليڊر صاحبزاده طارق الله چيو ته ڊي آءِ خان ۾ به اهڙو واقعو پيش آيو، جيڪڏهن هڪ ڏوهاري کي ڊي چوڪ تي سر عام ڦاهي ڏني وڃي اهڙو واقعو ڪڏهن به ٻيهر پيش نه اچي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميمبرن جي مختلف تجويزون کان پوءِ چيو ته رڳو ڳالهين تائين واقعن کي محدود نه رکيو وڃي، جيڪڏهن ڪو واقعو ٿي وڃي ته سمري ٽرائل ڪيئن ٿئي. سردار اياز صادق چيو ته زيادتي جي واقعن تي ڪميٽي بڻائي وڃي جيڪا واقعن جو جائزو وٺي جڏهن ته ڪميٽي واقعي جو ٽرائل ڪرڻ ۽ عدالتن کي به خاص مدي تائين اهڙي معاملي جو فيصلو ڪرڻ جي لائن ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے