25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

70 ورهين جا لاڳاپا هڪ ٽوئٽ تي ختم نٿا ٿي سگھن: ٽرمپ جو صلاحڪار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ساجد تارڙ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا جلدي ئي معمول تي اچڻ جي خبر ٻُڌائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا 70 ورهين جا لاڳاپا هڪ ٽوئٽ يا هڪ هفتي ۾ ختم نٿا ٿي سگھن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلم ڪميونٽي واري صلاحڪار ساجد تارڙ وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي مايوس نه ٿيو، ڪجهه ننڍي قد جا سياستدان پاڪ آمريڪا جي لاڳاپن تي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن پر آمريڪا ۾ رهيل پاڪستاني غلط  فهميون ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٽرمپ جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ٻنهي شهرين جي فائدي ۾ آهن ۽ 70 ورهين جا لاڳاپا هڪ ٽوئٽ تي ختم نٿا ٿي سگھن جڏهن ته حساس معاملن تي پاڪستاني سياستدان احتياط سان ڪم وٺن. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي امداد بند نه پر معطل ڪئي آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن مختلف آپشنز تي غور ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے