23 ڇنڇر , جون 2018

مون لاءِ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ فطري هوندو آهي: ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول چيو آهي ته مون لاءِ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ فطري هوندو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا ڪاجول هدايتڪار آنند ايل راءِ جي ڊراف فلم “زيرو” ۾ اسپيشل سيڪوئنس جي عڪسبندي مڪمل ڪندي شاهه رخ خان جي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جي لڳاهه کي ساراهيندي چيو آهي ته شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ هميشه مزو ايندو آهي، هو پنهنجي بهترين اداڪاري ۽ ڪم جي ڪري هڪ زبردست انسان آهي. هن چيو ته فلم “زيرو” ۾ اسپيشل سيڪوئنس لاءِ اڌ ڪلاڪ جي عڪسبندي دوران گھڻو مزو آيو. فلم “زيرو” ۾ اداڪارا ڪاجول ۽ راني مکرجي اسپيشل سيڪوئنس ۾ نظر اينديون جڏهن ته فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ڪترينا ڪيف ۽ انوشڪا شرما مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے