24 سومر , سيپٽمبر 2018

وليمسن پاڪستاني ٽيل اينڊرز جي ڇڪتاڻ سان پريشان

ڊنيوڊن (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جا بالر پاڪستان خلاف سيريز ۾ سُٺي بالنگ جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن پر ڪيوي قائد پاڪستان جي ٽيل اينڊرز جي ڇڪتاڻ سبب پريشان نظر اچي رهيو آهي ۽ هن پنهنجن بالرن سان ٽئين ميچ ۾ وڏيڪ بهتر ڪارگردگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستان خلاف سيريز جي شروعاتي ٻنهي ميچن ۾ نيوزي لينڊ جي بالرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو. پر ٻنهي ميچن ۾ پاڪستان جي ٽيل اينڊرز بهتر راند پيش ڪري ٽيم کي بچائي ورتو ۽ پاڪستاني ٽيل اينڊرز جي ان ڇڪتاڻ سبب ڪين وليمسن پريشان نظر پئي آيو. پهرين ون ڊي ميچ ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان بعد شاداب خان ۽ فهيم اشرف فخر زمان سان گڏجي ڇڪتاڻ ڏيکاري پر ٻئي ميچ ۾ نيوزي لينڊ کي ان وقت حيراني ٿي جڏهن 141 اسڪور تي 7 رانديگر آئوٽ ٿيڻ باوجود پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 246 اسڪور ٺاهيو. ڪين وليمسن چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ ۾ ڪافي گهرائي آهي جيڪا هڪ سُٺي ٽيم جي نشاني آهي، هن چيو ته اسان جي بالرن کي پنهنجن غلطين مان سکيا وٺندي هاڻي بهتر ڪارگردگي جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي. ليگ اسپنر آل رائونڊر چيو ته آئون ان ڪنڊيشن ۾ بيٽگ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته اسان بيٽنگ ۽ بالنگ ٻنهي ۾ ئي سُٺي ڪارگردگي جو مظاهرو نه ڪيو آهي پر ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ ميچ ۾ ڀرپور پريڪٽس سان گڏ ميدان ۾ لهي ميچ کٽڻ جي ڪوشش ڪريون. پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ سيريز جي ٽئين ون ڊي ميچ ڇنڇر تي کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pak-India Match: Consulting the National Team by the former and Moda cricketers

پاڪ-ڀارت دنگل: اڳوڻن ۽ موجودا ڪرڪيٽرن پاران قومي ٽيم کي مشورا

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڀارت خلاف هاءِ وولٽيج ٽاڪري لاءِ اڳوڻن ۽ موجودا ڪرڪيٽرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے