17 اربع , جنوري 2018

زينب قتل تي صبا قمر روئي ڏنو

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪارا صبا قمر 7 ورهين جي زينب سان ٿيل خطرناڪ حادثي ۽ قتل تي روئي پئي. قصور جي 7 ورهين جي نينگري زينب سان ٿيل زيادتي ۽ ظالماڻي قتل عوام سان گڏ پاڪستاني سياستدانن ۽ شوبز ستارن کي به ڏکائي ڇڏيو. اڄ پاڪستان جي ناليوارن فنڪارن ماهرا خان، صبا قمر ۽ شهزاد راءِ سميت سڄو پاڪستان معصوم زينب لاءِ اُٿي بيٺو آهي. پاڪ ڀارت جي ناليواري اداڪارا صبا قمر زينب سان ٿيل زيادتي ۽ سندس تڪليف تي روئي ڏنو. تازو ئي هڪ شو دوران صبا قمر معصوم زينب لاءِ آواز اُٿاريندي چيو ته زينب سان ٿيل ظالماڻو واقعو توهان مان ڪنهن سان به ٿي سگھي ٿو، ڇو اهي ماڻهو سوچي رهيا آهن ته ايئن ته هلندو رهندو آهي ته هلندو رهندو. هن روئيندي چيو ته ڇو هلندو رهندو اهو سڀ ڪجهه ختم ڇو نٿو ٿئي. هن ماڻهن سان درخواست ڪندي چيو ته هاڻي اهو وقت ناهي جو اسان ڪنهن جي مدد جو انتظار ڪريون پنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ پاڻ اُٿو ۽ پنهنجي آس پاس ڏسو ته جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي ته ان خلاف ايڪشن کڻو. جيڪڏهن ڪنهن عورت کي سندس مڙس ماري رهيو آهي ۽ ماڻهو اهو چئي خاموش ٿي ويندا آهن ته هي سندن ذاتي معاملو آهي ته اهو ذاتي معاملو ناهي. هن عورتن کي به اپيل ڪئي ته پنهنجن ٻارڙن کي کين پريشان ڪندڙن ۽ هيسائيندڙن خلاف آواز اُٿارڻ سيکاريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوناڪشي کان سواءِ ڪا به اداڪارا ”دبنگ 3“ جو حصو ناهي: ارباز

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان پنهنجي فلم ”دبنگ“ سيريز جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے