23 آچر , سيپٽمبر 2018

مومنا مستحسن لاءِ ”40 انڊر 40“ جو اعزاز

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت ڳائڻي مومنا مستحسن کي آمريڪا جي اسٽوني بروڪ يونيورسٽي طرفان “40 انڊر 40” جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ موجود اسٽوني بروڪ يونيورسٽي مان ڳائڻيءَ بائيو ميڊيڪل انجينئرنگ ۽ اپلائيڊ رياضي مضمون ۾ گريجويشن ڪئي هئي. مومنا مستحسن کي اهو اعزاز 2017ع ۾ سماجي خدمتون ڪرڻ سبب ڏنو ويو آهي، ان موقعي تي ان عزم ۽ همت کي به ساراهيو ويو. اهو ايوارڊ اسٽوني بروڪ يونيورسٽي جي ايلومينائي ايسوسي ايشن 40 ورهين جي انهن نوجوانن کي ڏنو آهي جيڪي سماجي خدمتن جو عزم رکن ٿا. ان کان سواءِ برطانوي ميگزين طرفان شايع ڪيل 50 پرڪشش ترين عورتن جي لسٽ ۾ به هو 37 هين نمبر تي بااثر ڳائڻي قرار ڏني وئي. ٻئي طرف 2017ع ۾ پاڪستان ۾ گوگل تي سرچ ڪيل شخصيتن جي فهرست ۾ به هن 10 هون نمبر حاصل ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے