22 جمعو , جون 2018

قومي اسيمبليءَ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي،  جڏهن ته حڪومت ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان به خدشن جو اظهار ڪيو آهي.  قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ فاٽا بابت بل ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو جنهن کي محمود بشير ورڪ پيش ڪيو. ايوان بل ۾ پيش ڪيل ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪندي سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. جي يو آءِ س جي ميمبر نعيما ڪشور بل جي مخالفت ڪئي.  بل جي منظوري کانپوءِ فاٽا جي ميمبرن چيو ته اڄوڪو ڏينهن قبائلين لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمانڊو ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندو: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پرويز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے