19 جمعہ , جنوری 2018

 احتجاجي مظاهرين جي خوف کان، ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ديسڪ)امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ مهيني لندن ۾ سفارتخاني جي افتتاح لاءِ رٿيل دورو احتجاجي مظاهرين جي خوف کان ملتوي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٽرمپ پنهنجو دورو ان سبب ملتوي ڪيو ڇو ته انهن کي لڳي رهيو هو ته برطانيا ۾ ان جو پر جوش استقبال نه ڪيو ويندو. هاڻي امريڪي صدر جي جاءِ تي سيڪريٽري  آف اسٽيٽ ريڪس ٽيلرسن برطانيا ويندو. ان حوالي سان اڃا تائين وائيٽ هائوس طرفان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو، ياد رهي ته ٽرمپ فروري ۾ 750 ملين پائوندز جي لاڳت سان لندن ۾ تعمير  ٿيڻ واري سفارت خاني جي عمارت جو افتتاح ڪرڻو هو،  جئين ته ان هن پروگرام کي ان سبب ملتوي ڪيو ته اتي هن جو استقبال سٺي طرح نه ڪيو ويندو ۽ ٻئي طرف هو برطانيا جي راڻي سان به ملاقات نه ڪري سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قازقستان ۾ بس کي باهه، 52 ڄڻا سڙي فوت

استانا(ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ بس ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 52 ڄڻا سڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے