25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چئن ججن جي چيف جسٽس خلاف بغاوت

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چئن سينئر ججن چيف جسٽس خلاف بغاوت ڪئي آهي. ڀارتي جي سپريم ڪورٽ جي تاريخ جو انوکو ۽ منفرد واقعو ٿيو آهي ۽ چئن حاضر سروس ججن چيف جسٽس دپيڪ مشرا خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي. جسٽس جستي چيلا مسوار، جسٽس رنجن گوگوئي، جسٽس مدن لوڪر ۽ جسٽس ڪرين جوزف نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عدليه ۾ من پسند ججن کي مخصوص ڪيس ڏيڻ سان گڏ اهم ڪيس به جونيئر ججن کي ڏنا پيا وڃن. هنن چيو ته آزاد عدليه کانسواءِ ڀارت ۾ جمهوري نظام برقرار رهي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن عدليه جي اداري کي تحفظ نه مليو ته جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي. سندن چوڻ هو ته عدليه ۾ انتظامي معاملا درست نموني نه پيا هلايا وڃن ان سلسلي ۾ چيف جسٽس سان ڳالهائي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڀارتي چيف جسٽس ڪو به ڌيان نه ڏنو. ججن چيو ته چيف جسٽس جو مواخذو ڪندڙ هو نه آهن پر هو نه ٿا چاهين ته مٿن الزام لڳي ته عدليه لاءِ آواز نه اٿاريو ويو آهي. هن چيو ته ڀارتي چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ته ڪجهه اهم شيون قائدن موجب نه آهن، جنهن تي هن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن جو چيو پر سندن ڳالهه نه ٻڌي وئي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چئني ججن چيف جسٽس کي لکيل خط به ميڊيا سامهون پيش ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے