19 جمعہ , جنوری 2018

فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ بابت حڪومتي درخواست رد  

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي اسلام آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پر ڌرين طرفان رپورٽ پيش نه ڪئي وئي. ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿي درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس هلي رهيو آهي، تنهن ڪري کي عدالت معاملي جي ٻڌڻي نه ڪري. هاءِ ڪورٽ درخواست رد ڪندي بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ آءِ بي جي ڊي جي کي به ذاتي طور طلب ڪري ورتو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت مجبور نه ڪري نه ته وزيراعظم کي به طلب ڪري سگهجي ٿو،  جيڪڏهن معاملو آءِ بي جي دائري ۾ نه آهي ته ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي، ختم نبوت ۾ ترميم جي ذميوارن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ راج ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ سامهون آئي ۽ نه وري شقوار جواب جمع ڪرايو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جو ڪميٽي جي رپورٽ سان ڪو به تعلق ناهي، سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ تڪراري آڊيو ٽيپ تي ڪهڙي رپورٽ ڏني وئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪندي قانون ۽ گهرو سيڪريٽري توڙي چيف ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله محسود معاملي ۾ قاري احسان جو بيان قلمبند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايس ايس پي رائو انوار جي مبينا مقابلي ۾ مارجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے