20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڀارتي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي سخت احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڀارت جي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول جي ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي.  پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر تي ڀارتي فورسز طرفان بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت شهري جي شهادت تي پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري شديد احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ڊي جي سائوٿ ايشيا ڊيسڪ ڊاڪٽر فيصل ڀارتي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به ڏنو جنهن ۾  چيو ويو ته 11 جنوري تي ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر ڀارتي فورسز جنگبندي جي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جتي نتيجي ۾ 65 ورهين جي عورت حسين بي بي شهيد ٿي وئي. ترجمان موجب ڀارتي فوج 12 ڏينهن دوران 70 ڀيرا ۽ هڪ سال دوران 1900 ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪوٽ ڪٽيرا سيڪٽر سميت جنگبندي جي ڀڇڪڙي جي واقعن جي جاچ ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے