26 جمعرات , اپریل 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان زينب واقعي جا جوابدار 36 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 36 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس منصور علي خان قصور واقعي جي جوابدار جي عدم گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فوري طور آءِ جي پنجاب کي عدالت ۾ طلب ڪيو. آءِ جي پنجاب عارف نواز عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌو آهي ته واقعي کان اڳ ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پهريان ڪيس ڪٿي آهن، عدالت ۾ ته پيش نه ٿيا آهن، توهان وٽ اهڙن ڪيسن جا تفصيل آهن.  چيف جسٽس چيو ته اهڙي واقعي ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، 36 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي، سوسائٽي پريشان آهي تنهن ڪري جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ڪيا وڃن.  آءِ جي پنجاب چيو ته پوليس پوري ايمانداري سان ڪم ڪري رهي آهي، خاطري ڪرائي ٿو ته جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ڪيا ويندا. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنجاب ۾ ٻارڙن بابت ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے