19 جمعہ , جنوری 2018

جراثيم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ وارا جورابا متعارف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) يورپ جي ٻن وڏين ڪمپنيون اهڙا جورابا  ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي هر طرح جي جراثيمن کان پاڪ آهن ۽ ان سان طبي سڃاڻپ ۽ ٻيا ميڊيڪل ڪم به  سر انجام ڏئي سگهجن ٿا. هن جورابن کي (يوني گلووز) جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي سلور آئن ٽيڪنالوجي تيار ڪيو ويو آهي، هي جورابا 15 منٽ ۾ 90 سيڪڙو خطرناڪ  جراثيم ۽ 2 ڪلاڪن دوران 99.5 سيڪڙو جراثيمن کي ختم ڪري سگهن ٿا.هن کي “بايوڪوٽ” ڪمپني تيار ڪيو آهي.ڪمپني موجب هي اي ڪولائي، سالمونيلا،ايم آر ايس اي، ڊي آرائي، سي پي اي، فنگس ۽ ٻين خطرناڪ وائرس خلاف به اثرائتا آهن. هي جورابا جراثيمن کي جمع ٿيڻ کان روڪيندا آهن ۽ انهن کي بي اثر ڪندا آهن. ۽ هن جراب کي دوائون ڪارخانن  اسپتالن ، آپريشن ۽ بين هنڌن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سائڪلنگ جا جنسي صحت تي ناڪاري اثر نه ٿيندا آهن: ماهر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ ڪيل هڪ جاچ ۾ چيو ويو آهي ته سائڪل هلائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے