21 اتوار , جنوری 2018

قصور واقعو پنجاب حڪومت جي ناڪامي آهي، اشتهارن ۾ نظر ايندڙ فورس ڪٿي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته قصور واقعو پنجاب حڪومت جي ناڪامي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سمورن صوبن جي ڪارڪردگي جا انگ اکر اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا وڃن. هن چيو ته پنجاب ۾ تحفظ لاءِ جيڪي قدم کنيا ويندا آهن هي ڪٿي آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن صوبي ۾ ڏوهن جي ڪيتري شرح آهي، ڏوهن جي انگن اکرن مان واضح ٿيندو ته ڪهڙي هڪومت ڪيتري ناڪام آهي. سندس چوڻ هو ته اهو واقعو قصور ۾ نه پر هنڌ آهي، اهو واقعو حڪومت جي ناڪامي آهي، مسئلي کي ٺهراءَ، واعدن ۽ تقريرن تائين محدود نه ڪيو وڃي، رڳو سزا ڪافي ناهي، اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، هڪ ايس پي کي هٽائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. خورشيد چيو ته قصور واقعي سموري ملڪ کي متاثر ڪيو آهي، جن جون ٻارڙيون آهن اهي ڳڻتي ۾ آهن، هر ماءُ پنهنجي ٻارڙي سان گڏ ڪٿي ڪٿي ويندي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هي پارليامينٽ نتيجو گهرندي ۽ والدين کي نتيجا ڏنا وڃن. هن چيو ته حڪومت پنجن سالن دوران ڪو به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي جنهن سان ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهن، حڪومت بلڪل ناڪام رهي آهي، اشتهارن ۾ نظر ايندڙ فورس ڪٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتظار قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان عدالتي جاچ لاءِ جج ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے