20 خميس , سيپٽمبر 2018

خميس تي حڪومت خلاف احتجاج، جو اعلان، چيف جسٽس ماڊل ٽائون سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيف جسٽس کان ماڊل ٽائون سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي طاهر القادري جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سفارشي ڀرتين سبب پنجاب پوليس جي حالت خراب آهي، ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر اڄ به انصاف لاءِ روڊن تي آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته شريف خاندان کي اهڙي پوليس گهرجي جيڪي سندن حفاظت ڪري سگهي، ڪي پي ۾ ڏوهه واضح طور گهٽ ٿيا آهن. هن چيو ته  ڪي پي ۾ 38 سيڪڙو ڀتا خوري جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ رنجيت سنگهه کانپوءِ شريف ڀائرن وڌيڪ حڪمراني ڪئي آهي. عمران خان چيو ته ڪي پي ۾ پوليس جا سڌارا رڳو اشتهارن ۾ نه ٿي رهيا آهن.  هن چيو ته سموري پوليس ۾ ڀرتيون رائيونڊ مان ٿينديون آهن، شريف ڀائرن پوليس کي خراب ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف سڀ کان وڏو ڊرامو آهي، اشتهارن ذريعي شوبازي ڪري رهيو آهي، پوليس سميت ڪو هڪ ادارو به ٺيڪ نه ڪيو ويو آهي. عمران خان چيو ته ڪميشن لاءِ ميٽرو ۽ اورينج لائين جهڙيون رٿائون ٺاهيون پيون وڃن، عوامي ڀلائي لاءِ ڪي به رٿائون نه جوڙيون ويون آهن. عمران خان چيو ته چيف جسٽس کي ماڊل ٽائون سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن کي انصاف نه ملندو ته روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪندا، طاهر القادري سان تحريڪ ۾ ڀرپور نموني ساٿ ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته جاتي امره جي سڪيورٽي تي 7 ارب رپيه خرچ ڪري اڍائي هزار  پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. عمران خان چيو ته قصور ۾ 12 نينگرين کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، ذميوارن کي وائکو ٿيڻ گهرجي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هر پاڪستاني جي خواهش ۽ دل جو آواز آهي،  جڏهن ته پرامن افغانستان جي ضرورت پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ٻي ملڪ کي ناهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پاڪستان ۾ افغان سفير عمر زخيلوال سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ افغان لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن سان مهمانن جهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي، پاڪستاني عوام افغان مهاجرن کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جو مستقبل گڏيل بقا تي قائم آهي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے