20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌ اسيمبلي ۾ قصور واقعي خلاف ٺهراءُ منظور، جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽ: علي نقرچ )سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري ۽ مخالف ڌر جا ميمبر قصور ۾ ٻارڙي جي  زيادتي ۽ قتل واري واقعي تي هڪ ٿي ويا، واقعي خلاف مذمتي قرارداد منظور، پنجاب حڪومت کان جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جو مطالبو،  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير نثار کهڙي قصور واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پ پ ايم ڪيو ايم، ف ليگ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ طرفان گڏيل هو، جنهن ۾ پنجاب سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته زينب واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته قصور واقعو انتهائي دردناڪ آهي، اهڙي قسم جي واقعن ۾ ملوث ماڻهو رحم جا مستحق ناهن. ايم ڪيو ايم جي هير اسماعيل سوهو چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي تحفظ جي به تربيت ڏيڻ گهرجي، فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته اهڙي قسم جا واقعا اڪثر ٿيندا رهندا آهن ۽ ملوث درندا آزادي سان گهمندا رهندا آهن ڪنهن به ٻارڙي سان اهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو، ڇا اسان پنهنجي ٻارڙن کي گهرن ۾ قيد ڪري ڇڏيون، سڀني ماڻهن کي سوچڻو پوندو ۽ اهڙي درندگي کي روڪڻ لاءِ ملوث درندن کي سرعام ڦاهو ڏنو وڃي. نصرت سحر عباسي جي جذباتي تقرير تي ايوان ۾ پڻ هڪ ڏکوئيندڙ خاموشي پيدا ٿي وئي. صوبائي وزير شميم ممتاز چيو ته معصوم زينب جي قتل جو واقعو انتهائي دردناڪ آهي پر پنجاب اندر عورتن کي ننگو ڪرڻ، ٻارڙن کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ جا ويڊيوز ٺهندڙ واقعا ٿيندا رهن ٿا، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻارڙن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪري ۽ عالمن کي به گهرجي ته هو پنهنجي خطبن ۾ ان بابت ماڻهن کي آگاهه ڪن. اهڙن واقعن جي ڪيسن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي ناهيد بيگم چيو ته اسان شرمنده آهيون جو زينب کي بچائي نه سگهياسين. پ پ جي خير النساءَ مغل، پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سيما ضيا، ايم ڪيو ايم جي سردار احمد به ڳالهايو، (ن) ليگ جي سورٺ ٿيٻو ڳالهائيندي چيو ته زينب جي واقعي تي پاڪستان جي هر ماءُ ڏکويل آهي، اهڙا واقعا صرف پنجاب نه پر سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به ٿي رهيا آهن. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ڪامران اختر به خطاب ڪيو. سنڌ اسيمبلي پ پ جي مرحومه ميمبر رقيه خانم سومرو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو. اهڙو ٺهراءُ پ پ جي عورت ميمبر سائره شهلياڻي پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته رقيه خانم سومرو پ پ جي باني ميمبر ۽ عظيم خاتون هئي، جنهن آمريت خلاف ڊگهي جدوجهد ڪئي، هن جو تعلق غريب گهراڻي سان هو پر هو قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر پڻ منتخب ٿي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے