22 جمعو , جون 2018

سنڌ ۾ 48 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار، واڌ ويجهه متاثر، بهتريءَ لاءِ 55 ارب گهربل

 ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ 48 سيڪڙو ٻارن جي واڌ ويجهه خوراڪ جي کوٽ سبب متاثر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 2021ع تائين صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ 55 هزار 194 ملين رپيا گهربل ڄاڻائي مسئلي جي حل لاءِ ڊونر ڪانفرنسسڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان حوالي سان ڪالهه خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارن جي قد ڪاٺ ۾اضافي نه ٿيڻ واري مسئلي بابت ڪوٺايل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ترقي ۽ منصوبابنديءَ واري صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي جي صدارت هيٺ سندس آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ  ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت خوراڪ جي کوٽ کي2021ع تائين 30 کان 48 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ لاءِ 55194.110 ملين  جي لاڳت سان ايڪسلريٽڊ پلان آف ايڪشن  نالي هڪ پروگرام آڪٽوبر کان شروع ڪيو آهي، هن پروگرام هيٺ سنڌ حڪومت جا صحت، تعليم، زراعت، سوشل ويلفيئر پاپوليشن، لائيو اسٽڪ ۽ فشريز وارا کاتا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڏس ۾ِ سنڌ حڪومت سان  ورلڊ بئنڪ، يورپي يونين ۽ يونيسيف جا ادارا به سهڪار ڪري رهيا آهن. يورپي يونين جي سهڪار سان پروگرام فار امپرووڊ نيوٽريشن ان سنڌ جي نالي سان ڳورهاري ۽ کير پياريندڙ عورتن ۾ غذائي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو پرگرام به هلي رهيو آهي، اجلاس ۾نيوٽريشن سپورٽ پروگرام سنڌ طرفان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هي پروگرام سنڌ جي اٺن ضلعن ۾ هلي رهيو آهي هن پروگرام تحت 87221 غذائي قلت جي شڪار ٻارن کي خوراڪ فراهم ڪئي وئي آهي، رت جي ڪمي جي شڪار 211109 ٻار ن کي مال نيوٽريشن پائوڊر فراهم ڪيو ويو آهي ۽ 471110 عورتن جون پڻ غذائي ضرورتون پوريون ڪيون ويون آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  وڌيڪ فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڊونر ڪانفرنس به ڪوٺرائي ويندي 05

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان وٽ 20 لک رپين جو بيلنس، اثاثا چئلينج

ڊي آءِ خان(م ڊ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجا اثاثا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے