24 سومر , سيپٽمبر 2018

قصور ۾ ٻئي ڏينهن به هنگاما، زينب جي قتل قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ

قصور (م ڊ) قصور ۾ 7 ورهين جي زينب کي اغوا ڪري زيادتيجو نشانو بڻائي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ٻئي ڏهاڙي به بابا بلي شاهه جي نگري جنگ جي ميدان ۾ تبديل رهي. پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ ڏک، غم ۽ ڪاوڙ جي لهر برقرار رهي. گذريل ڏهاڙي به شهر جون مختلف بازارون، اسڪول بند رهيا ۽ رستن تان ٽريفڪ غائب رهي. مڇريل ماڻهن مسلم ليگ (ن) جي اي پي اي نعيم صفدر جي اوطاق تي حملو ڪري ڏنو، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ ٻن گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. احتجاج ڪندڙن پوليس تي پٿراءُ ڪري ڏنو، جنهن دوران پوليس مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ته علائقو جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اسپتال آڏو ٽائرن کي باهه ڏني ۽ اسپتال جو مرڪزي گيٽ ٽوڙي ڇڏيو، اسپتال اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن دوران ڊاڪٽر، عملي ۽ مريضن ڀڄي جان بچائي ورتي، شهرين جو ڪالي پل چوڪ تي لڳل ڌرڻو ٻئي ڏهاڙي به جاري رهيو. ٻئي پاسي پنجاب بار جي سڏ تي پنجاب جي مختلف شهرن کانسواءِ ٻين شهرن ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون. پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.0430

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته زينب قوم جي نياڻي هئي، سندس قتل سان سموري قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ الرازي ميڊيڪل ڪاليج جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميان ثاقب نثار قصور ۾ مبينا زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل 7 ورهين جي زينب بابت رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کان وڌيڪ منهنجي گهر واري گهر ۾ پريشان هئي، واقعي کانپوءِ سموري قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي. ٻڌڻي دوران وڪيل اعتزاز احسن چيو ته قصور سانحي بابت هڙتال ڪئي پئي وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڏک ۽ سوڳ پنهنجي جاءِ تي پر  هڙتال جي گنجائش نه ٿي ٺهي.  وڪيل اعتزاز احسن چيو ته هڙتال احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ خلاف آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته صحت ۽ عدليه جهڙن شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اعتزاز احسن کي اهڙن معاملن ۾ قانونساز طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس وڪيل اعتزاز احسن کان پڇو ته ڇا اڄ وڪيل هڙتال تي آهن، جنهن تي اعتزاز احسن عدالت کي ٻڌايو ته هڙتال احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ سبب ڪئي پئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڏک ۽ سوڳ پنهنجي جاءِ تي پر وڪيلن جي هڙتال جي گنجائش ناهي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے