20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان آمريڪا سان ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا ۽ فوجي سهڪار معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو ) بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته آمريڪا طرفان پاڪستان جي فوجي امداد بند ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا سان ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا ۽ فوجي سهڪار معطل ڪيو ويو آهي. هن طرفان اهڙو بيان حڪومت جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيو ويو آهي. خرم دستگير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهو امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا کي چيو ويو آهي ته اهو حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان نئين سر اسٽريٽجڪ ڊائلاگ شروع ڪري ۽ پاڪستان خلاف ڌمڪي واري رويي کان پاسو ڪري. هن اها ڳالهه ٻيهر ورجائي ته علائقي ۾ القاعده کي آمريڪا سان گڏ پاڪستان جي سهڪار سان ئي ختم ڪيو ويو آهي. ٻي طرف  پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان خطي جي حوالي سان آمريڪي ۽ اولهه جي پاليسين جو ڪيتو ڀوڳي رهيو آهي، اسان ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان گڏيل دلچسپي جي معاملي تي گڏيل رابطي ۾ آهن پر تازو رابطن جا تفصيل في الحال ميڊيا سان شيئر نه ٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته آمريڪي قيادت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن باوجود پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو جڏهن ته خواجه آصف جي آمريڪا بابت بيانن کي رڳو مخصوص پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جهاد بابت فلسفي کي پنهنجي مرضي موجب تبديل ڪيو، اڄ اهو خطرو سمورين قومن لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته الزامن بدران اولهه ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري، حافظ سعيد بابت گڏيل قومن جي پابندين تي عمل ڪيو پيو وڃي، پابندين جي لسٽ ۾ شامل ماڻهن جا اثاثا منجمد ۽ هٿيارن جي خريداري ۽ سفري پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڀارت سان ڪشمير مسئلي سميت سياچن، سرڪريڪ ۽ دهشتگرديءَ تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڀارت سان حل طلب مسئلن ۾ ڪشمير پهرين نمبر تي آهي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے