22 جمعو , جون 2018

صالح پٽ ڀرسان جوابدار ناريءَ کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد باهه ڏئي ڇڏي

سکر/صالح پٽ (رپورٽر+ن ع آ) صالح پٽ ٿاڻي جي حد ۾ افسوسناڪ واقعو، جوابدار مشتاق ڀٽي نوجوان عورت نظيرانزال عرفان ڀٽي سان زبردستي جنسي ڏاڍائي بعد پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، عورت جو 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال داخل، ايس ايس پي سکر واقعي جو نوٽيس ورتو، پوليس جوابدار مشتاق ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب صالح پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لڙها بڪار ۾مشتاق ڀٽي نالي هڪ شخص نوجوان عورت نظيران ڀٽي سان مبينا طور تي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب عورت جو 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو. اطلاع تي متاثر عورت جي وارثن پهچي عورت کي کڻائي صالح پٽ ٿاڻي تي آڻڻ بعد سکر سول اسپتال پهچايو. جتي ڊاڪٽرن متاثر عورت جي زندگي بچائڻ لاءِ طبي امداد ڏئي کيس لاڳاپيل وارڊ ۾ داخل ڪيو آهي. واقعي بابت صالح پٽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مشتاق ڀٽيءَ جا عورت سان ناجائز لاڳاپا هئا، جوابدار ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ اچي عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد کيس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جڏهن ته جوابدار مشتاق ڀٽي کي ايس ايس پي سکر جي حڪم تحت فوري طور تي ڪارروائي دوران گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو.جڏهن ته وارثن جي اچڻ تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان وٽ 20 لک رپين جو بيلنس، اثاثا چئلينج

ڊي آءِ خان(م ڊ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجا اثاثا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے