19 جمعہ , جنوری 2018

ثناءُ الله زهري خلاف بغاوت جو مهندار قدوس بزنجو بلوچستان جو نئون وڏو وزير نامزد

ڪوئيٽا ( م ڊ) مخالف ڌر عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو. گورنر محمد خان اچڪزئي نواب ثناءَ الله زهري جي جاءِ تي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جو اجلاس 13 جنوري تي طلب ڪيو آهي. ثناءَ الله زهري جي استعيفيٰ کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ مخالف ڌر کي وڏو وزير آڻڻ جي آڇ ڪئي ويندي. مخالف ڌر حڪومت جي آڇ رد ڪندي وڏ وزارت لاءِ پنهنجو ڪو اميدوار نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ٻئي طرف مسلم ليگ (ن)، ق ليگ ۽ اتحادين بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو کي وڏي وزير نامزد ڪيو آهي. هن دنيا نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جان محمد جمالي، صالح ڀوتاني ۽ ٻين مونکي نامزد ڪيو آهي ۽ بنا مقابلي چونڊجي ويندس. هن چيو ته ٽن چئن مهينن ۾ بهتري ناممڪن آهي. پر ڪجهه بهتري ضرور آڻينداسين. مون کي سينيئر ساٿين جو ساٿ حاصل هوندو.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

بي شرم شخص کي پيءُ ڌيءُ جي رشتي جي ڪهڙي خبر هوندي: مريم نواز

لاهور (م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے