19 جمعہ , جنوری 2018

آمريڪا جو پاڪستان سان رويو افسوسناڪ آهي: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پارليامينٽ هائوس ۾ چين جي سفير يائو جينگ سان ملاقات ڪندي چيو آهي ته پاڪستان۽ چين ايشيائي عوامي جي ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل خواب تعبير ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب ميان رضا رباني بين الاقوامي سطح ۽ خاص طور تي آمريڪي صدر جي تازي ٽوئيٽ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي پيش نظر چين طرفان پاڪستان جي موقف جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته بدقسمتي سان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ سان قابل افسوس رويو اختيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان دهشتگردي ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان کنيو آهي ۽ آمريڪي صدر جي اهڙي رويي باوجود پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام لاءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان افغانستان ۽ چين جي وچ ۾ ٽه ملڪي ڳالهين واري عمل کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهڙا قدم مستقبل ۾ جاري رهندا. ميان رضا رباني چيو ته آمريڪا کي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو آهي ته ايشيا پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪندو ۽ پنهنجي وسيلن کي سامراجي قوتن جي هٿن ۾ لٽجڻ نه ڏيندو، ميان رضا رباني چيو ته ون بيلٽ ون روڊ منصوبو خطي ۽ خاص طور تي ايشيا ۾ ترقي جو نئون باب کوليندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته چين سان تاريخي لاڳاپن جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو هو جنهن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، تنهن هوندي به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. سينيٽ چيئرمين متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي آهي ۽ ٻنهي ملڪن عالمي معاملن تي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن کي فروغ تي زور ڏنو. ميان رضا رباني پارليماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته متحده عرب امارات واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

بي شرم شخص کي پيءُ ڌيءُ جي رشتي جي ڪهڙي خبر هوندي: مريم نواز

لاهور (م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے