19 جمعہ , جنوری 2018

چيني ڪمپني ايپل ۽ سام سنگ کي مات ڏئي ڇڏي

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) ايپل ۽ سام سنگ جي سمارٽ فون ڊسپلي جي تياري ۾ جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين اندر موجود هجي پر هڪ چيني ڪمپني ويوو ان معاملي ۾ ٻنهي وڏين ڪمپنين کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. لاس ويگاس ۾ جاري ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو دوران ويوو  اهڙي سمارٽ فون پيش ڪئي، جنهن ۾ فنگر پرنٽ سنسر ڊوائيس فرنٽ اسڪرين جي اندر ڏنو ويو. هن وقت ٻيون ڪمپنيون سمارٽ فون جي ڊسپلي کي بيزل ليس ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جنهن جي ڪري فرنٽ تي فنگر پرنٽ سنسر جي جگھه ختم ٿي وئي آهي ۽ اهو بيڪ ڏانهن ڪرڻو پيو يا ختم ڪيو ويو. چيني ڪمپني طرفان اسڪرين اندر فنگر پرنٽ سنسر کي شامل ڪرڻ تي گھڻي وقت کان ڪم جاري هو ۽ هاڻي ان ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. ڪمپني گذريل سال ان ٽيڪنالاجي جي پروٽوٽائپ فون ۾ تجربو به ڪيو هو ۽ ان وقت ڪوالڪوم جي مدد سان الٽراسونڪ سنسر کي استعمال ڪيو هو پر هاڻي ان ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر ڪندي آپٽيڪل بيس فنگر پرنٽ سنسر کي تيار ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اسڪرين جي هڪ خاص حصي ۾ اڱر  رکڻ تي او ايل اي ڊي پينل ان کي چمڪائي ڇڏي ٿو ۽ فون ان لاڪ ڪري سگھجي ٿي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اها فون بيزل ليس آهي ۽ ڪمپني ان کي هلندڙ سال ڪنهن وقت به کپائڻ جو ارادو رکي ٿي. جيئن ٻڌايو ويو آهي ته اهو نئون رجحان آهي، جيڪو هن سال سمارٽ فونز ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول آهي. ايپل جي آءِ فون ايڪس (10) ۾ ان ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي اميد هئي پر ايئن نه ٿي سگھيو، جڏهن ته سام سنگ کي گيليڪسي ايڪس ايٽ ۽ نوٽ ايٽ ۾ ايئن ڪرڻ ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، ايس نائن ۾ امڪاني طور اها موجود نه هوندي. چيني ڪمپني موجب ان ۾ فنگر پرنٽ کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو عمل ٻين فونن جي فنگر سنسر جهڙو ئي آهي، بس هاڻي پنهنجي آڱر کي ڊسپلي جي هيٺئين حصي ۾ هڪ آئيڪون تي رکو ۽ ان وقت تائين دٻائي رکو جيستائين اسڪينگ جو عمل مڪمل نه ٿي وڃي. ان رجسٽريشن جي عمل ۾ ٻين فونن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه وڌيڪ وقت لڳندو پر ڪو خاص مسئلو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ جو نيوز فيڊ ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ نيوز فيڊ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے