17 اربع , جنوري 2018

نوٽ بُڪ جا ورڪ : جاڏي پير –تاڏي خير-38: آدرش

مان ۽ اشرف علي سمون گهٽين مان ٿيندا، چاندني چوڪ ٽپي، اردو شاعر نويد سروش جي گهر وڃڻ لاءِ سيٽلائيٽ ٽائون جو دڳ ورتو سون.

جاءِ اها ڀلي جتي آرام هجي. سڪون هجي. اها ٻي ڳالهه آهي جو اسان جي ملڪ ۾ آرام ۽ سڪون قبر ۾ ئي ملندو آهي.

اسانجي ديس ۾ ٽن شهرن، سنڌ جي ميرپور خاص، پنجاب جي راولپنڊي ۽ بلوچستان جي ڪوئيٽا ۾ سيٽلائيٽ ٽائون آهن.

***

اسان ٽائون ۾ پڳاسون. بنگلن جا نمبر ڏسندا، چڪاسيندا، نيٺ ”پڇڻا نه منجهڻا“ تي عمل ڪندي، هڪ دڪاندار کان پڇي، ان جي آڱر جي اشاري جي ڏس تي پير رکي ، نويد ميان جي گهر  وٽ پڄي، هڻي هنڌ ڪيو سون. دروازي جي پاسي واري ننڍڙي ڀت تي گهنٽي  لڳل هئي. اسان جي گهرن ٻاهران لڳل گهنٽيون گهڻي ڀاڱي خراب هونديون آهن. يا بجلي بند هئڻ ڪري وڄنديون ناهن.

مون گهنٽي ڀاڳ سان وڄڻ  لڳي. کن پل ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ در مان منهن ڪڍيو ته نويد سروش لاءِ پڇيوسونس.  وراڻيائين نماز پڙهڻ ويو آهي. اسان چيوسونس ٺيڪ آهي. پٽ ! اسان بيٺا آهيون. پاڻ ئي اچي ويندو.

اسان دروازي کان سُري بجليءَ جي  ٿنبي ڀرسان بيهي رهياسون. ڏينهن شينهن هو. ٽي پهريءَ جو ٽاڻو هو. ٿنبي ۾لڳل بلب ٻري رهيو هو. سانجهي ٿيندي ته رن زال جي منهن وانگر وسامجي ويندو. استاد بخاري چيو هو: ”ڏينهن جو ٿو ٻرين، رات جو ٻَرُ چريا“

***

اسان جي ملوڪ ملڪ ۾نه ڪو نظام آهي، نه ئي نظام الدين نالي ميونسپل ڪاميٽيءَ  جو چيئرمين آهي. جيڪو پنهنجي نالي جي لڄ رکي.  پاڻ رڳو مئڊم نورجهان جي ڳايل، نذير عليءَ جي مڌر موسيقيءَ ۾ سهڙيل، خواجا  پرويز جي لکيل ڌمال، قلندر جي ميلي ۾ ڳائڻيءَ  کان ٻڌي مست ٿي ويندا آهيون. ” رک لاج ميري لج پال، بچالي مينون مست قلندر لعل.“

***

اسان جي ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين  خان چاچا آهي. ڇٽيهه لکڻو، شهر ڏانهن  اک کڻي نه نهاري، نه ئي دفتر اچي. هن کي ڇڙو بلن تي صحيح ڪرڻ ايندي آهي. جيڪا  هو ڪميشن جي رقم اڳواٽ  اڳاڙي، گهر ويٺي ڪندو آهي. من جو مندو ناهي.

***

مان ان ديس جو رهواسي آهيان، جتي پير دوزخ جي ڇت مٿان هوندا آهن. اکيون گلن ۾هونديون آهن.

***

منهنجي ملڪ ۾گهڙيال پوئتي هلندو آهي. ميز تي گلاس اونڌو رکيل هوندو آهي. حڪمران گونگو آهي ته دروازو به بند آهي. چنڊ ڏسڻي ڪاميٽيءَ  ۾ انڌو چنڊ ڏسي اعلان  ڪندو آهي. عوام اکين ۾ سرموپائي ستل آهي. ڪارو ۽ ڳاڙهو جهنڊو قبضي واري پلاٽ ۾ کتل آهي. ڊي سي صاحب  هر ڳالهه کان ڇٽل آهي. پنهنجو وطن ڄڻ  ڪو مئل هاٿي آهي. اسيمبلي ميمبر ووٽن سان ڇا ڇا نه ڪندو آهي، پوءِ به کٽندو آهي.

***

صدر صاحب  جي سائي پوش واري ڊگهي ٽئبل تي هڪ درخواست آئي. ڌڻي سڳوري سندس روح ۾ رحم وڌو. هن  هڪدم عرض اگهائي، قيديءَ جي ڦاهيءَ کي رد ڪري، عمر قيد ۾  مٽائي، درخواست تي صحيح ڪري، جيئندان جو فرمان جاري ڪيو.

قيديءَ جو پروانو- جيل سپرينٽنڊنٽ جي هٿ ۾ شمع وسامجڻ کان پوءِ آيو. هن پنهنجين  چهنب دار  مڇن کي  ٻنهي پاسن کان وٽي، سگار پنهنجن هيڊن ڏندن ۾ ٽڪائي، شمع ماچيس جي ساڳي تيليءَ سان ، سگار سان گڏ پرواني کي ساڙي ڇڏيو.

***

” نه ويندين“ وفاقي گهرو وزير کي سندس هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ نوڪر، جيڪو هن ڏانهن موڪليندڙ درخواست هيٺان“ اوهان جو فرمانبردار خادم“  لکندو آهي، للڪاري ٿو. وزير موصوف  کي اندر وڃڻ لاءِ در ٽپڻ ڪونه ٿو ڏئي. هو ڪاوڙ  ۾ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. پنهنجون  هٿ تريون خار مان مهٽي استعفيٰ  ڏيڻ جون گدڙ ڀڀڪيون ڏئي هلي وڃي ٿو.  هن جي ڪرسي اڄ  به ائين ئي قائم دائم آهي، جئين نئب ۾ ڪروڙن جي ڪيسن ۾ گهربل فُل ڪمشنر واري ڪرسي کي لوڏو ئي نه آهي.

اهو مڙس مٿير رڳو ڊيوڊ ڪئمرون هو. جنهن  پاناما جي فهرست ۾ رڳو نالو اچڻ تي، برطانيا جي تخت تان استعيفيٰ  ڏئي، نيري ڪوٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي، ميٽرو ٽرين ۾ چڙهي، چپن تي مونا ليزا جهڙي مرڪ آڻي. گهر روانو ٿي ويو هو.

***

اسان وٽ انسان ”اشرف المخلوقات“ رڳو ڪتابن ۾ لکيل آهي، حال اهو آهي جو شهر ٽنڊي غلام علي جي پڙي تي گڏهه ارڙنهن لکن  ۾ وڪامجي ٿو ۽ درگاهن تي بم ڌماڪي ۾ مري  ويل جو ملهه ٽڪو به ڪونه ٿو ٿئي!

” ڍڳي جو ملهه هزار، ڍڳو پير پيران، ڍڳو پير پيران“

***

پي آئي اي جي مئنيجنگ ڊآئريڪٽر، پنهنجي وڏي شاهي آفيس  جي چمڪ ۾ وهنتل  ڪمري ۾ چانهه جو آخري ڍڪ  ڀري، خالي ڪوپ نفاست سان آهستي آهستي هٿ وڌائي، بسيءَ  مٿان رکي ، ننڍڙي  ميز تي رکيل ملڪي جهنڊي ڀرسان پيل بينسن ۽ هيجز سگريٽن جو سنهري پاڪسيٽ ۽ لائيٽر کڻي، سگريٽ دکائي، ٽئبل لئمپ ڀرسان رکيل عينڪ کڻي، پائي، اڳيان رکيل اڇو فائيل کوليو.

هو ڪاغذن جي ڌيان سان جاچ پڙتال ڪرڻ لڳو. فائيل ۾ هوائي جهاز جي هڪ  پائليٽ جا ڪاغذ پٽ هيا. جانچيندي جوچيندي صاحب کي پروڙ پئي ته ڪپتان جي ڊگري ڪوڙي آهي. هن چاليهه سال جهاز هلائيندڙ  جي هڪ پل ۾ ، هڪ ڌڪ  سان نوڪري چٽ ڪري ڇڏي.

پائلٽ ڄڻ اهي چاليهه  سال هوائي جهاز نه، ڄڻ ڪنهن ڳوٺاڻي کير واري جي پير سان بريڪ هڻڻ واري سائيڪل هلائي هئي.!

***

اهڙا هاڃا ڏسي، جسٽس خلجي صاحب پنهنجي عينڪ لاهي ساڄي هٿ ۾ ڦيرائيندي، کاٻو هٿ ڳٽي تي رکي، ريمارڪ ڏنو هو ” اسان جنهن بدعنوان آفيسر خلاف  حڪم ڏيندا آهيون، ان کي تمغو لڳايو ويندو آهي“.

***

نويد سروش ٽپهريءَ  جي نماز تي ويو هو. ان ۾ چار فرض ۽ چار سنتون ٿينديون آهن، ننڍي نماز هئڻ ڪري اسان ٿنڀي ڀرسان  بيٺا هياسون. هن جي اوسيئڙي ۾ بيهجي رهياسون.

مون کي نماز سٺي لڳندي آهي، وڻندي آهي پر ٻيو ڪو پڙهي. مان ڇٺي ڇماهيءَ اهائي دعا گهرندو آهيان “ ڌڻي سڳورا !  مون کي سنئين واٽ تي هلاءِ،گناهن کان بچاءِ پراڄ کان نه“

***

وتايو فقير وڏو ماڻهو هو. فقير منش هو. مڙس ماڻهو هو. هڪ ڏهاڙي هن جو گڏهه ، پنهنجي پير ۾ پيل گهرِگهلي رسي ڪڍي ٻاهر نڪري ويو.

هو گڏهه کي سڄو ڳوٺ ڳوليندو، اچي مسجد وٽ پُڳو. ڏٺائين  ته مولوي  سڳورو  گڏهه کي لڪڻ هڻي، هڪلي ڪري ٻاهر  ڪڍي رهيو آهي. گڏهه ٻاهر نڪتو. مولويءَ جي نظر وتائي فقير تي پئي ته تپي باهه ٿي ويو.  ڪاوڙ مئون چوڻ لڳس ”اڙي وتايا! ڪو افعال ئي ڪونه ٿي. بي لڇڻو آهين. گڏهه کي ائين ئي ڇوڙي ڇڏين ٿو جو مسجد شريف ۾ ٿو ڪاهي اچي.“

وتائي فقير وراڻيس ” مولوي صاحب ! ايڏي آڪڙ نه ڪر، ٿڌو ٿي ٿڌو. گڏهه هو بي عقلو جو مسجد ۾ آيئه. مون کي ڪڏهن مسيت ۾ ڏٺو ٿي؟“

***

جهٽ گهڙيءَ  کان پوءِ نويد ميان جي گهر جو دروازو کليو. ان مان هڪ اڌڙوٽ باوقار زائفان اچي چوڻ لڳي. ”اندر اچي ويهو.“

اسان مُک دروازو ٽپي، گهر جي مهڙ واري ڪمري ۾ داخل  ٿياسون. مون اندر اچڻ سان دروازي کي لڳل پردو ڏئي ڇڏيو. اسان لاءِ ٿي  سگهي ٿو گهر وارن نويد ميان کي نياپو ڪيو هجي ته تو وارا لکمي مزمان ٻاهر ٽنگيا بيٺا ٿي ۽ هن کين  اندر ويهارڻ لاءِ چيو هجي.

اهو سندن وڏو وڙ هيو، جو هنن گهر ۾مڙد ماڻهو نه هئڻ جي باوجود اسان اوپرن، ست ڌارين کي سڏي گهر اندر ويهاريو. لک شابس اٿن.

***

ڪمرو شاعر موصوف جو ڪتب خانو هو. ڪمري ۾ گهڙڻ سان سارا ٿڪ لهي ويا. هرسينگهه هرن به وسري ويو. پاڻ لاءِ ڪتاب ڄڻ بهشت جو باغ . ڏسڻ سان مٽجي ويو هر داغ.

ڪمرو ڪتابن سان ٽٻُ لڳو پيو هو. ڇت  تائين ڪاٺ جا شيلف ٺهيل هيا. ترتيب سان رکيل هيا. ڇنڊ ڦوڪ به ٿيل هين. مان ۽ اشرف علي ڪتابن ڏسڻ ۾ ايئن گم ٿي وياسون، جيئن ٽوٻو سمنڊ ۾ موتي ڳولڻ ويندو آهي.

ڪتابن جي چونڊ سٺي هئي. رسالا به جهجهي انگ ۾ هيا. تقريبن هڙئي ڪتاب ۽ رسالا اردوءَ  ۾ هيا. دنيا جي هر ٻولي سٺي  هوندي آهي. جو ان ۾ لفظ ”محبت“  لکيو ويندو آهي. نويد ميان جي لائبريري ۾ ڪجهه ڪتاب انگريزي جا هيا. سنڌيءَ جو هڪ به ڪتاب نظر نه آيو. جيتوڻيڪ هن سنڌي ٻولي مان کوڙ نظم ۽ ڪهاڻيون اردوءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن.

اسان سڌين وٽ سنڌيءَ کان وڌيڪ اردو ڪتاب هوندا آهن. هنن دلبرن وٽ هڪ به سنڌي ڪتاب، درياءَ  ۾ ٻڏي  ويندڙ ماڻهو جي لاش وانگر هٿ نه ايندو آهي.

***

هڪ شيلف جي ڪنڊ ۾ ڪاري جلد وارو بائيبل نظر آيو. عاليشان شيءِ  آهي. مون پڙهيو هو ته هڪ عجيب دنيا ۾ هليو ويو هيم. ڪمال جو آهي.

لکڻي اهڙي آهي، جو پڙهندي ماڻهو هڪ اهڙي گهاٽي جهنگ ۾ هلي وڃي ٿو، جتي رات ٿيڻ مهل، وڻ ۾ ٽنگيل لالٽين پنهنجو پاڻ ٻري وڃي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌي سفر نامي جي امام الطاف شيخ جو نئون ڪتاب تاريخ جو سفر:رکيل مورائي

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شخص رهيا آهن، جن جي سموري ڄمار سفر ڪندي گذري آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے