24 آچر , جون 2018

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو شاعرآهي جنهن جي شاعري نيارو سنيهو آڇي ٿي.هو اهڙيون اهڙيون ڳالهيون اظهاري ٿو جيڪي پنهنجي پر ۾ ساديون هونديون آهن پرانساني زندگيءَ ۾ انهن ڳالهين جو گهرو عمل دخل هوندو آهي. پندرهين صديءَ جو هي ساڃاهه وند شاعرتمام گهڻو مقبول شاعر به آهي. عالمن کان وٺي عام ماڻهوءَ تائين ڪبير جي دوهن ۽ واڻين جي پهچ آهي. سندس ڪلام  ۽ حياتيءَ بابت  ڪافي ڪم ٿيو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪم انگريزي ۽ هنديءَ ۾ آهي. اردوءَ ۾ به چڱو ڪم ٿيل آهي جنهن ۾  هري اوڌ جي ”ڪبير وچناولي“ جو سرسوتي سرن ڪيف پاران ڪيل ترجمو ۽  سردار جعفري پاران ”ڪبيرباني“ ڳڻائڻ جوڳا ڪم آهن. ڪبير جي ڪلام کي ڳائي عام تائين به پهچايو ويو آهي. عابده پروين ڪبيرجي شاعري ڳائي ڪافي داد حاصل ڪيو آهي ته ”شفيع فقير“  ”سکي ري سنائو صاحب ڪيسا هي“ ۽ ”همن هين عشق مستانه “ ڳائي ٻُڌنڌڙن جي روح کي جهومائي ٿو ڇڏي. ان کانسواءِ ٻيا ڪافي ڀڳت ۽ ڳائڻا ڪبير ڀڳت جي شاعري ڳائيندا رهنداآهن جنهن کي عام ٻُڌندڙ به پسند ڪري ٿو. عام ٻُڌندڙ کي اها شاعري ڇونه وڻندي؟ ڇاڪاڻ ته اها من کي ڇهندڙ موتين مالها آهي. مالها جيڪا گلي ۾ پائبي آهي ته  يادگيري ڪرڻ لاءِ ڪن هٿن ۾ مالها ڦرندي به نظرايندي آهي. مالها ۾ وري مڻين جو تعداد مختلف ٿئي ٿو. مختلف عقيدن جا ماڻهو مالها ڦيريندا نظرايندا آهن. ڪبير ڀڳت  ظاهري مالها کان وڌيڪ من جي مالها کي ترجيح ڏيندي هن ريت اظهاري ٿو؛

مالها تو من کي بهلي ، اور هي لکڙ کا بهارا

مالها پهيرتي رب ملي، تو کيون ويچي مڻهارا

من جي مالها واقعي بهترسرگرمي آهي. من ۾  يادگيريءَ جو سڳو سورڻ من کي منور ۽ معطر ڪري ٿو. ڪبير جا مالها بابت ڪافي دوها آهن جن ۾ هن پنهنجو نقطه نظربيان ڪيو آهي. جن مان ڪي دوها هي آهن؛

مالها پهيرت جُگ بهيا، پهرا نه من کا پهير

کرکا منکا ڊاردي ، من کا منکا پهير

 

کبرا مالا منهه  کي  اور سنساري بهيکهه

مالا پهيري هر ملين گي رهنٽ کي ديکهه

 

کبرا مالا کاڻهه کي ، بهت جتن کا پهير

مالا سانس اُسانس کي جا مين گانڻهه نه مير

 

مالا تو کرمين پهري جيبهه پهري مُکهه مانهن

منوا تو چهون دس پهري يه تو سمرن نانهن

مالها ڦيريندي زمانو ٿي وڃي ٿو پر جيڪڏهن من جو ڦيرنٿو ڦري ته پوءِ ڳالهه ڪم جي ناهي. ڪبير چوي ٿو ته هٿ ۾ کنيل مڻيو ڇڏي من جو مڻيو ڦير ته ڪم ٺهي وڃي. ڪاٺ جي مالها ايترو ڪم جي هجي ته مڻهارو ڇو وڪڻي. هو من جي مالها کي اهميت ڏيندي صلاح ڏئي ٿو ته ڀلي ڏيک ويک دنياوي هجي. مالها ڦيرڻ جو رنگ ڏسڻو هجي ته  هُرلي جي ڪنگرين ڦرڻ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.هُرلو سدائين ڦرندو رهي ٿو پران مان ڪو اهڙو نتيجو نٿوملي. ڪبير جي خيال ۾ ڪاٺ جي مالها ڦيرڻ ۾ تمام گهڻو جتن ڪرڻو پوي ٿو. ان جي ڳڻپ هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿي  پر ساهه جي سڳي جي مالها ۾ نه ڪا ڳنڍ آهي نه ئي ڪو مير آهي. اها سدائين سُرندي رهي ٿي. سڄڻ جي سارمن ۾ گهنڊيءَ جي لار جيان وڄندي رهي ٿي. اهڙي طرح من جي مالها  ڪاٺ جي مالها کان سرس ۽ سوائي آهي. مالها ڦيرڻ جي اهميت مان ڳڻپ جي ڳُڻ ڳوت جو اهڃاڻ ملي ٿو. وقت مسلسل روان آهي. وقت کي ترسائڻ يا روڪڻ ڪنهن جي به وس ڪانهي. ماڻهو رڳو اهو ڪري سگهي ٿو ته انهن گهڙين جي ڪا ڳڻپ رکي. انهي ڳڻپ کي جڏهن ماڻهو من جي درپن مان مالڪ جي يادگيريءَ سان ڳنڍي ٿو ته پوءِ من جو هر رويو تبديل ٿي هاڪاري بنجي پوي ٿو ۽ ان مان انسانيت جهلڪڻ لڳي ٿي. انسان پنهنجي ذات جو اونو وساري ان ذات جي وائي وات ڪري ٿو جنهن جي صفات جي سونهن سان سنسار جو حسن هردم قائم دائم آهي.

ڪبير جڳ  تي نظر وجهي ٿو ته کيس ماڻهن جي گمراهي ۽ بيراهي تي حيرت ٿئي ٿي. تڏهن ئي ته ماڻهو من جي مالها کي وساري  ڪاٺ جي مالها کي لڳا پيا آهن. دنيا جي اڪثريت جو اهو رويو دنيا ۾ جنهن صورتحال کي جنم ڏئي ٿو تنهن سان دنيا ۾ بگاڙ وڌي ٿو. دنيا پنهنجي غلطين مان گهٽ سکي ٿي. جيتوڻيڪ زمانو دنيا کي وڏي سيکت ڏي ٿو. اهڙي سيکت مان  ٿوراماڻهو ئي ڪو لاڀ ماڻين ٿا باقي خلق هلندي رهي ٿي. ڪبيران رويئي بابت هن ريت چوي ٿو؛

رنگي کو نارنگي کهين، بني دودهه کا کهويا

چلتي کو گاڙي کهين، ديکهه کبيرا رويا

ماڻهو جڏهن رڱتو وٿ کي نارنگي چون ۽ کير مان کويو(وڃايل) ٺهي . هلندڙ شئي کي کُتل (گاڙي) چون ته پوءِ يقينن ڪبير جهڙي دورانديش انسان کي روئڻ ئي ايندو. هو انتهائي معمولي ڳالهين کي به جڏهن من جي مشاهدي ۾ هنڊائيندو هو ته ڪڏهن حيران ته ڪڏهن پريشان ٿي پوندو هو. سندس خيال ۾ ته سچن ماڻهن سان جڳ نٿو ٺهي ۽ ڪوڙ کي مالڪ نٿو مڃي. اهڙين ٻن ڳالهين وچ ۾ ڪبير ويچارو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي. اهي ٻئي ڪم ڏکيا ڪم آهن. هو اظهاري ٿو؛

ساچي جگ راچي نهين، جهوڻا نه ماني رام

کبير بچارا کيا کري ، دونون بهاري کام

ڀاري ڪم جي ڀيڙ مان گذرندي هو اڳتي گذري ٿو. ان سفر ۾ هو حد کي حال مان لنگهي بيحد جي ميدان ۾ پهچي ٿو. بيحد جي ميدان ۾ به سندس حيراني کيس روئاڙي ڇڏي ٿي. هو هن ريت چوڻ لڳي ٿو؛

حد حد چلي هرکوءِ، بيحد چليا نه کوءِ

بيحد کي ميدان مين کهڙا کبيرا روءِ

بيحد جو اهو ميدان واقعي ماڻهوءَ کي  پنهنجو پاڻ ياد ڏيارائي ڇڏي ٿو. حدن ۾ هلندي ته هرڪو فريم آف ريفرنس جي جوڙجڪ جو محتاج آهي. جڏهن ماڻهو دنگ دري مان نڪري اڳتي وڌي ٿو تڏهن کيس جيڪي ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ان جو ادراڪ ئي نيارو آهي. جتي ڪو اير ڀير به ناهي ان ماڳ جڏهن مهيسي پهچن ٿا ته پوءِ جيڪي خبرون آڻين ٿا اهي  جڳ لاءِ خوشخبريءَ جهڙيون آهن. اهڙن آديسين جي ٽڪاڻي بابت سُررامڪليءَ ۾ لطيف سائين هن ريت فرمايو آهي؛

جتي اير نه ڀير، سا جُوءِ سُڃاتي جڳيين،

اُتي ڏيئي پير، آسڻ آديسين ڪيا

ان ريت انساني من جون اهي مڙئي منزلون  سلوڪ جي صاحبن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳائي وڄائي پيش ڪيون آهن جيئن  سندن همعصر توڙي ايندڙ وقت جا ماڻهو سندن ادراڪ جي تجربي جا موتي چونڊي ان جي آڌار تي  ٿيندڙ پنهنجي پنهنجي لطيف ادراڪ کان ٻين کي آگاهه ڪن. آگاهي جو اهو سلسلو به سدائين هڪڙي حد ۾ ئي رهيو آهي ، ڇاڪاڻ ته انسانن جي اڪثريت جي ادراڪ جي سطح ان اعلى پد تي ناهي هوندي جو نرالا ۽ اُتم تجربا جذب ڪري سگهي. لطيف سائين به  هر لقا ۾  ”صاحب “ سامهون سمجهڻ  جي ڳالهه  ڪئي آهي ته ”ڪوڙين ڪايائن“ جي  ”لکين لک “ روپن کي وحدت  جي واديءَ جي  وٽ سمجهندي واٽ سمجهائي آهي. ماڻهوءَ جو من جڏهن پنهنجي وڃاڻل وجود کي ڳولي لهي ٿو ته پوءِ مٿس حقيقت جي ويجهو وارو روپ نروار ٿئي ٿو. ڪبيرڀڳت من جي يادگيري دهرائڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت بيان ڪري ٿو؛

تون تون کرتا تون بهيا مجهه مين رهي نه هون

واري تيري نام کي جت ديکهون تت تون

پاڻ وڃائي پاڻ سُڃاڻڻ واري  اها ڪيفيت جنهن حقيقت جو پيش خيمو بنجي ٿي تنهن مان حقيقت ڏانهن اڳتي وڌڻ جي واٽ ملي ٿي. اها واٽ ”لاحد“ جي لامحدوديت  جو پار پسائڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. انساني من جي اهڙي تربيت انسان کي پنهنجي اُتمتا ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ڪبير ڀڳت سچ جي اهڙي واٽ کي ”سوکشم مارگ“ ڪوٺي ٿو. اهو واقعي سوکيم مارڳ آهي جنهن تي هلڻ هرڪنهن جي وس ۾ ناهي. سچ تي بيهڻ ، سچ جي واٽ تي هلڻ واقعي وير وريامن جو ڪم آهي.

سُکهه مين سمرڻ نا کيا، دکهه مين کيا ياد،

کهي کبير تا داس کي، کون سني فرياد

سُک ۾ سڀڪجهه وسري ٿو وڃي رڳو سُک جي راحت ماڻهوءَ جي من کي وهه ولين جيان وڪوڙي ويڙهي ڇڏي ٿي. جڏهن دُک رسي ٿو ته وري  ته مالڪ ياد اچي ٿو ۽ هرڪو کيس ياد کرڻ لڳي ٿو. اهڙي فرياد کي ڪبير جي ٻول مطابق ”ڪير ٻُڌندو“؟ هر حال ۾ يادگيري ضروري آهي. غفلت واري دم  سان انسان جي گهٽتائي ٿئي ٿي. يادگيري کيس اڳتي وٺي وڃي ٿي. زماني جو شعور عطا ڪري ٿي. دک درد ۾ هرڪو يادگيري ڪري ٿو پر جيڪڏهن سُک ۾ به يادگيري ڪجي ته بقول ڪبير جي پوءِ ڪوئي دُک نه ٿيندو. هو فرمائي ٿو؛

دکهه مين سمرن سب کرين، سُکهه مين کري نه کوءِ

جو سُکهه مين سمرن کري ، تو دُکهه کاهي کو هوءِ

ڪبيرڀڳت جو اهي من وڻنديون ڳالهيون من ۾ مانڌاڻ به مچائين ٿيون ۽ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ته هرڪنهن کي يادگيري جو سڳو هٿان نه ڇڏڻ گهرجي. من جي مالها کي مسلسل ڦيرڻ گهرجي جيئن من جو درپن اڇو اُجرو ٿي پوي ۽ ان ۾ هر شئي چِٽي نظراچي.انسان جي سموري چُرپر سندس من جي سوچ ڌارا مان ئي اُسري ٿي. انساني عمل به انهي ويچار ڌارا جي آڌار هلي ٿو.من جو درپن جڏهن يادگيريءَ جي پوٿي سان اڇو اُجرو ٿيندو رهندو ته ان ۾ چڪ به پيدا ٿيندي ۽ من زنگجڻ کان بچي ويندو ۽ عڪس کي واضع نموني معڪوس به ڪندو. اهڙي طرح يادگيريءَ وارو ڪم سموري انساني رويئي کي مناسب ۽  جاڳرتا وان رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے