17 اربع , جنوري 2018

لاکا لک سُجھن ڦلاڻي ڦير ٻيو:اسد ممتاز رڏ

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ، ڪي ماڻهو خود  ادارا ٿيڻ ٿا . هن سان ملڻ کان پوءَ کان ان ڳالهه جي پڪ ٿي ته هي پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن  به آهي ۽ سنڌ جي صدين جي تاريخ جو امين به . مان جڏهن ۽ جتي به هن سان مليس ته هن کي سدائين نوجوان ڏٺم . هو وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو هو . هو تمام گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهوهو . هو نه صرف منهنجو پر منهنجن استادن جو جو استاد هو . هن وٽ ڪمال جو  مطالعو  ۽ تربيت جو ڏان هو.  ھو ذاتي طور مڪمل نان بليور ۽ اٿيسٽ  ھو  سدائين ٽهڪن سان ملندو هو مايوسي هن جي پاڇھي کان ڊڄندي هئي . لاکي صاحب جهڙا ماڻهو مرڻا ناهن. لاکو مئو ناهي پر سندس ذهن سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي .

v    ڊاڪٽر جبار خٽڪ ( چيف ايڊيٽر عوامي آواز )

لاکو صاحب هڪ سرگرم نظرياتي ڪارڪن هو . روشن خيال سماج تي ٻڌل جي جيڪي اصول ۽ تصور آهن لاکو صاحب نه صرف  پنهنجي زندگي ۾ پر فيملي ۾ پڻ انهن اصولن کي قائم رکيو . هو هڪ پروفيشنل وڪيل هو پر ان سان گڏوگڏ انساني حقن جو امين به هو .هن جي جدوجهد مظلوم ماڻهن ۽ هٺين طبقي جي معاشي استحصال جي خلاف هئي . هو هڪ آدرشي ماڻهو هو ، سندس وڇوڙو تمام وڏو سانحو آهي .هو پنهنجي جدوجهد جي ڪري سندس نظرياتي دوستن ۽ تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو .

v    مسلم شميم  ( وڪيل )

لاکو صاحب تمام وڏو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ، هن جو مارڪسزم ۽ سوشل ازم تي تمام گھرو مطالعو هو ،هو هڪ تمام سٺو دوست ، تمام سٺو انسان هو ، مون  زندگي ۾ تمام گھٽ اهڙا ماڻهون ڏٺا آهن  جيڪي روايتن جا امين هجن جي ايم لاکو انهن ماڻهن مان هڪ هو ، هو فڪري حوالي سان روشن خيال ماڻهو هو ، لاکي صاحب جهڙي روشن خيال ترقي پسند ، پڙهيل لکيل ماڻهن  جو منظر نامي تان هٽڻ  سبب اسان جو معاشري غريب ٿيو آهي مان سندس وڇوري تي تمام گھڻو ڏکايل آهيان .

v    ڊاڪٽر توصيف ( سينيئر صحافي )

لاکو صاحب اسانجو نظرئي دان هو ، لاکي صاحب سان منهنجو تعلق چاليهن سالن جو هو ، هو مڪمل مارڪسسٽ ۽ سوشلسٽ نظريي جو ماڻهو هو .

لاکي صاحب جو وڇوڙو مارڪسي ۽ سيڪيولر ڌرين جو تمام وڏو نقصان آهي ، هن پنهنجي سڄي زندگي سائنسي بنيادن تي گذارن جي ڪوشش ڪئي. سندس وڇوڙو تمام وڏو سانحو آهي .

v    رياض چانڊيو  ( چيرمين جيئي سنڌ مهاذ )

هو هڪ شفيق انسان هو ، هڪ حساس طبيعت رکندڙ واعدي تي پورو لهندڙ انسان هو ، توڙي جو منهنجو ۽ لاکي صاحب جو نظرياتي اسڪول مختلف هو پر مون هميشه هن کان اتساهه ورتو ، مون ڪڏهن به هن کي  مايوس نه ڏٺو . هو انساني حقن جو علمبردار هو ،هو قومي خدمختياري تي  compromise  نه ڪندڙ هڪ وطن دوست روشن خيال انسان هو . اڄ جي دور ۾ جتي اڪثريت وڪيلن جي ترجيح  ڏوڪڙ آهن پر لاکي صاحب جي ترجيح ماڻهپو هو ، لاکي صاحب جو وڇوڙو قومي وڇوڙو آهي مان کيس خراج پيش ڪريان ٿو .

v    يونس مهر  ( ايڊيٽر هلچل اخبار )

لاکو صاحب اسان جو سياسي استاد هو ، هن کي فلسفي ، تاريخ ، جدليات تي تمام گھڻي ڄاڻ هئي ، هو انسان جي مڪمل آزادي جو حامي هو ، مون هميشه هن کان سکڻ جو ڪوشش ڪئي ، هو هڪ سچو ۽ کرو انسان هو ، هميشه دليلن سان ڳالهه رکندو هو ، هو مذهب ۽ رياست جي ڳانڊاپي جو انڪاري هو . هو هڪ جدوجهد ڪندڙ  ۽ تمام گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو . هن کان هميشه اتساهه ملندو هو .

v    راج ڪمار ( اڳواڻ سيڪيولر سنڌ فورم )

مصطفٰي لاکو پاڪستان جو واحد ماڻهون هو ، جيڪو رياستي مذهب جو نه صرف مخالف هو پر هو ان خلاف عملي ميدان ۾ پڻ هو ، انهي سلسلي ۾ هن آن لائن پٽيشن پڻ درج ڪئي هئي جنهن تي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهن صحيون ڪيون  هيون ، هن رياست جو مذهب کان اڳ ٿيڻ جي حوالي سان گڏيل قومن کان مطالبو به ڪيو هو ، غلام مصطفٰي لاکو سمجهندو هو ته ايڪويهن صدي ۾ بغير رت جو ڦرو وهائڻ جي انقلاب اچي سگھي ٿو. جنهن جي ڪري هو مڪمل عدم تشدد جو حامي هو نوجوانن کي هميشه عدم تشدد جو درس ڏيندو هو ۽ هر قسم جي تشدد جو انڪاري هو ، هو انهي سلسلي ۾ عدم تشدد جو عالمي ڏينهن پڻ ملهائيندو هو . هو جبري مذهب مٽائڻ جي خلاف هو انهي سلسلي ۾  هو مفت ۾ ڪيس پڻ وڙهندو رهيو . قومي ڪارڪن جي جبري گمشدگي  جي حوالي سان  جڏهن به ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون احتجاج ٿيندو هو ته سڀ کان اڳڀرو هوندو هو ، هن جي ڇوڙي تي مذهبي اقليتن ۽ قومي ڪارڪن جي Shelter ڇٽرئي کسجي وئي .

v    منظور کوسو ( وڪيل )

لاکو صاحب سنڌ جو هڪ نرالو ماڻهون هو ، منهنجي سياسي تربيت هن شخص ڪئي ، منهنجي هن سان پهرين ملاقات 1977 ڪراچي ۾ ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي اندر هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو ، تنهن دور ۾ سندس عمر ويهه ٻاويهه سال هئي ، پر سندس مطالعو وسيع هجن جي ڪري هن سان بحث مباحثو ڪرڻ ڏکيو هوندو هو . هن کي سياست ، ادب ، فلسفي ، تاريخ ، جدليات ، مارڪسزم ۽ سوشل ازم ۽ مذهب تي پڻ مڪمل دسترس هو. هن جو وڇوڙو تمام وڏو سانحو آهي . اسان جي اھا  ذميواري اهي ته لاکي صاحب جي ڏنل تعليم کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪريون .

v    بخشل ٿلهو  ( صدر عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ )

لاکي صاحب جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جيڪي زندگي آخري تند تائين روشن خيال نظرئي سان سهڙيل رهيا آهن . هي ماڻهو ڪڏهن به مرڻا ناهي ڇاڪاڻ ته هي ماڻهن عوام لاءَ جيئن ٿا عوام ڪڏهن به مرڻو ناهي . هي ماڻهو آدريشي هئا آدرش ڪڏهن مري نٿا سگھن. لاکي صاحب جو خال ڀرڻ مان سمجهان ٿو ڏکيو آهي .

v    ڊاڪٽر ايوب شيخ ( ايگزيڪٽو ايڊيٽر عوامي آواز)

سڀ کان اڳ آئون مرحوم غلام مصطفيٰ لاکي جي پونئرن سان دلي طور ڏک ونڊڻ چاهيان ٿو. انهن کي ٻه ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هڪ ته، هو پڙهيل ڳڙهيل شهري هيو. هن پنهنجي سڄي حياتي پنهنجي ذهن تان ڳوٺاڻا تصور ڦٽي ڪرڻ ۾ جدوجهد ڪئي هئي. ٻي ڳالهه ته، هو گهڻو سمجهڻ لاءِ گهڻو ٻڌي سگهندو هو.

مون کيس ڪيترا ڀيرا ڪئين ڳالهيون ”هِن نموني“ يا ”هُن نموني“ سوچڻ ۽ سمجهڻ کان انڪار ڪيو ته هن انتهائي ڌيرج سان منهنجو موقف ٻُڌو. هن ڪنهن جون ڳالهيون ايئن ٻڌڻ جو هنر شايد عدالتن مان سکيو هو. جج کيس ڪنهن به دليل جي رد ۾ ڪا به ڳالهه ڪندا هوندا ته کيس ٻڌڻو پوندو هوندو. ججن سان ان قسم جي اٿاويٺي سندس دل ۾ موجود ان وڏيرڪي انا کي هر حال ۾ پوئتي ڌڪيو هوندو.

هڪ ڏينهن روزاني ”عوامي آواز“ ۾ آيو. مون کي چيائين ته ”مون شاهه محمد شاهه جون قسطون شروع کان نه پڙهيون آهن، جي اوهان اي ميل ڪريو ته عنايت ٿيندي، پڙهي تبصرو ڪندس“ مون کيس ( ان وقت تائين آيل 10 قسطون) اي ميل ڪري کيس فون تي اطلاع ڏنو. هن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي چيو ته ”مون اهي سڀ قسطون هڪ ڀيري سان پڙهيون آهن، مون وٽ هڪڙو سوال اهو آهي ته مري ويل انهن ڳالهين تي تبصرو ڪري نه ٿا سگهن، جيڪي شاهه صاحب ڪيون آهن“. مون کيس چيو ته هن دنيا ۾ شايع ٿيل لکين ڪتابن مان رڳو ڪجهه ڪتاب اسان جي دور ۽ حياتين ۾ ڇپجن ٿا، ان ڪري اسان کي گهڻو تڻو انهن تي ئي ويسهه ڪرڻو پوندو. هن تبصرو ڪندي وڌيڪ چيو ته ” اهم ڳالهه اها آهي ته ڪيئي ڳالهيون جيڪي نيون آهن، اهي انهن قسطن کي پڙهڻ سان ملي سگهيون“

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌي سفر نامي جي امام الطاف شيخ جو نئون ڪتاب تاريخ جو سفر:رکيل مورائي

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شخص رهيا آهن، جن جي سموري ڄمار سفر ڪندي گذري آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے