17 اڱارو , جولاءِ 2018

نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ بلوچستان اسيمبليءَ جو اجلاس 13 جنوري تي طلب

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير محمد خان اچڪزئي نواب ثناءَ الله زهري جي جاءِ تي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جو اجلاس 13 جنوري تي طلب ڪيو آهي. ثناءَ الله زهري جي استعيفيٰ کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ مخالف ڌر کي وڏو وزير آڻڻ جي آڇ ڪئي ويندي. مخالف ڌر حڪومت جي آڇ رد ڪندي وڏ وزارت لاءِ پنهنجو ڪو اميدوار نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ مولانا عبدالواسع چيو ته مخالف ڌر نئين صوبائي حڪومت جو حصو نه ٿيندي.  سردار اختر مينگل چيو ته  هنن هميشه جمهوري طاقتن جي حمايت ڪئي ۽ اڳتي به جمهوري طاقتن جي حمايت جاري رکندو. نئين وڏي وزير لاءِ صالح ڀوتاڻي ۽ جان محمد جمالي جا نالا سامهون اچي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے