18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سام سنگ جو 360 ڊگري اسڪرين ليپ ٽاپ متعارف

ڏکڻ ڪوريا(ويب ڊيسڪ)جنوبي ڪورين ڪمپني”سام سنگ“ پهريون ڀيرو 360 ڊگري  ٽچ اسڪرين ۽ فنگر پرنٽ سينسر تي ٻڌل ليپ ٽاپ معتارف ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سام سنگ پهريون ڀيرو 2017 ۾ فنگر پرنٽ سينسر جو استعمال پنهنجي موبائل ۾ ڪيو هو، جڏهن ته هلندڙ سال ڪمپني فيس آئي ڊي سميت  جديد فنگر سينسر ٽيڪنالوجي جي موبائل به متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي. خيال ڪيو پيو وڃي ته سام سنگ هلندڙ سال گيليڪسي ايس 9 فون متعارف ڪرائيندي. جنهن ۾ ايپل آئي فون جي طرح منهن جي سڃاڻپ ڪرڻ واري ٽيڪنالوجي به  موجود هوندي جڏهن ته ان ۾ ٻيا ڪيترائي دلچسپ فيچر پڻ هوندا.  جڏهن ته هن ليپ ٽاپ کي نوٽ ”بڪ 7 اپسن“ جو نالو ڏنو ويو آهي ”نوٽ بڪ 7 اپسن“ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن جي ٽچ اسڪرين 360 ڊگري ٽيمپريچر تي ٻڌل آهي، ۽ هي فيچرڪنهن به ليپ ٽاپ جي اسڪرين ۾ پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي، ”نوٽ بڪ 7اسپن“ ۾ فنگر پرنٽ جو سينسر جو به فيچر آهي، جنهن کي استعمال ڪندي صارف پنهنجي انتهائي حساس ڊيٽا کي محفوظ ڪري سگهي ٿو.43 دبليو ايڇ بيٽري تي ٻڌل هن ليپ ٽاپ ۾ وي اي جي ڪئميرا به ڏني وئي آهي جڏهن ته ان ۾ يو ايس بي ۽ ٻيا ڪيترا ئي پورٽس ڏنا ويا آهن. هن جي اسڪرين 15 انچ وڏي آهي. 16 جي بي  ريم تي ٻڌل هن ليپ ٽاپ ۾ ڪور 7 جو انٽيل پروسيسر ڏنو ويو آهي. سام سنگ هن ليپ ٽاپ کي ايندڙ  هفتي امريڪي شهر لاس ويگاس ۾ ٿيندڙ( دي انٽرنيشنل ڪنزيومر اليڪٽرانڪ شو_سي اي ايس ) ۾ پيش ڪندي. جڏهن ته سام  سنگ پاران هن جي قيمت 1199 ڊالر رکي وئي آهي جيڪي پاڪستان هڪ لک 10 هزار رپين کان وڌيڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے