18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

10 سالن جي ٻارڙي جو ڪامياب آپريشن،9 سالن کان پوءِ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي قابل

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪامياب آپريشن کان پوءِ 10 سالن جي ٻارڙي ۾ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي قوت واپس اچي وئي.  جڏهن ته لاهور ي علائقي  هر بنس پوره، جناح پارڪ  جا رهواسي محبوب اختر  جي 10 سالن جي ڌيءَ زويا محمود  هڪ  سال جي هئي ته اها ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم ٿي وئي هئي، والدين وٽ طبي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پئسا نه هئا، ان صورت حال ۾ آخر پنجاب حڪومت پاران امداد ڏيڻ تي والدين ٻارڙي کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. اسپتال ۾ ڪامياب آپريشن جي ذريعي ٻارڙي جي مٿي اندر ۽ ڪنن ۾ آلات لڳايا ويا جنهن سان ٻارڙي ٻڌڻ جي ڳالهائڻ جي قابل  ٿي وئي آهي.هوڏانهن پنجاب حڪومت پاران ٻارڙي جي والدين کي 20 لکن جو چيڪ به پيش ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے