21 اتوار , جنوری 2018

ڪوئٽا آپگھات حملي جو ڪيس داخل

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن ٿيل آپگھات حمملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگردي جي انت واريون دفعائون به شامل ڪيون ويون آهن. بلوچستان اسيمبلي ويجھو گذريل ڏينهن بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ تي آپگھات حملي ۾ 4 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد جڏهن ته 18 زخمي ٿيا هئا. آپگھات حملي جو ڪيس ڪوئٽا جي مقامي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪي ۾ 8 کان 10 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو جڏهن ته آپگھات حملو ڪندڙ جي عمر 15 کان 20 ورهيه هئي. بلوچستان جي آءِ جي معظم جاهه انصاري جو چوڻ هو ته دهشتگرد پاڪ افغان سرحد تان داخل ٿيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتظار قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان عدالتي جاچ لاءِ جج ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے