17 اڱارو , جولاءِ 2018

ڊفينس ۾ گاڏيءَ تي فائرنگ، هڪ شخص مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊيفنس جي علائقي خيابان رومي ۾ گاڏيءَ تي فائرنگ جي تنيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو. پوليس موجب ڪار ۾ موجود ٻيون شخص محفوظ رهيو، جنهن جي سڃاڻپ حمزه نالي سان ڪئي وئي. مقتول جي دوست مهراڻ دعويٰ ڪئي آهي ته سميع نالي هڪ شخص پيٽرول پمپ تان ڪاري رنگ جي ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ عمران تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويو. مهراڻ عمران کي جناح اسپتال پهچايو جتي سندس موت جي تيديق ڪئي وئي. مقتول جو تعلق بلوچستان جي شهر چاغي سان هو. پوليس مهراڻ جو شروعاتي بيان ريڪارڊ ڪري ورتو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته گاڏيءَ تي ڪيترائي گائر ڪيا ويا هئا. هن وقت ان ڳالهه جو اندازو نه ٿو لڳائي سگھجي ته جوابدار ڪيترا هئا، تنهن هوندي پوليس قتل کي ذاتي دشمني قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عسڪري پارڪ ۾ ڪرندڙ جهولي جي سيٽ بيلٽ خراب ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي عسڪري پارڪ ۾ ڪرندڙ جهولي جي سيٽ بيلٽ خراب …