17 اربع , جنوري 2018

معاشري ۾ وڌندڙ عدم برداشت | پروگرام: سنڌ نگر

عوامي آواز | معاشري ۾ وڌندڙ عدم برداشت | پروگرام: سنڌ نگر | ميزبان: حنيف ساگر | ٽيلي فون لائن تي: همت علي تمراڻي، رازق ڏنو کوسو، غازي بجير

همت علي تمراڻي

ڪنب جي هڪ وڏيري جي ماڻهن نيورو سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار منگي ۽ هن جي ڪٽنب تي تشدد ڪيو آهي

ڊاڪٽر طرفان وڏيري جي ڳوٺ وڃي مريض جي اعلاج ڪرڻ کان نابري وارڻ تي هن تي تشدد ڪيو ويو

واقعي ۾ ڊاڪٽر جو ڀاءٌ هنجي والده سخت زخمي ٿيا آهن

ڪوٽ ڏيجي ۾ وڏيرا شاهي چوٽ چڙهيل آهي

گهرو وزير جي حڪم کانپوءِ پوليس ايڪشن ۾ آئي ايف آر ڪاٽي گرفتاريون ڪيون ويو

رازق ڏنو کوسو

انڊس اسپتال جي زير ڪنٽرول سول اسپتال بدين جي ڪچري مان ٻن ٻارڙن جا لاش هٿ آيا آهن

اسپتال جي ڪچري مان هڪ ڪتو ٻارڙي جو لاش کڻي ٻاهر نڪتو ته واقعي جي خبر پئي

ڊي ايڇ او بدين ۽ انڊس اسپتال انتظاميه واقعي جي جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

سول اسپتال گذريل ٻن سالن کان انڊس وارن جي ڪنٽرول هيٺ آهي

ڪجهه عرصو اڳي هڪ عورت ٻارسميت باٿ روم ۾ فوت ٿي وئي هئي اها جاچ به هلندڙ آهي

غازي بجير

مٺي ۾ ٻن ڀائرن جي قتل کانپوءِ ٽي ڏينهن ڌرڻا هڙتالون جاري رهيون

وڏي وزير ۽ وزير اعظم جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ گهرو وزير به اتي آيو

ڪالهه رات هڪ بنگلي تي ڇاپو هڻي ٻه جوابدار ۽ انهن جا سهولتڪار گرفتا ر ڪيا ويا آهن

اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سهولتڪار بااثر ماڻهو آهي هنکي سياسي پٺڀرائي به آهي

اهو ئي سبب آهي جو سهولتڪارن جا نالا نٿا ٻڌايا وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-16

*ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو *معجزاڻي طور بچي ويو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے