26 جمعرات , اپریل 2018

رپورٽ: انڊس اسپتال بدين جون انسانيت سوز ڪاروايون جاري، ٽن تازن ڄاول ٻارن لاش ڍير تي اڇلائي ڇڏيا

صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي ضلعي بدين جي سول اسپتال جيڪا انڊس اسپتال جي انتظام هيٺ اچڻ بعد انڊس اسپتال طور سڏي وڃي ٿي، مسلسل انساني المين کي جنم ڏئي رهي آهي………….

پيش آهي رازق ڏنو کوسو جي هيءَ رپورٽ…………

گذريل رات انڊس اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرز ٽن معصوم ٻارڙن کي جنم ڏياريو جيڪي زندگيءَ جي بازي هارائي چڪا هُئا، انهن ٽنهي معصوم ٻارڙن جي لاشن کي انڊس اسپتال جي انتظامه اسپتال جي ڀر ۾ ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيو،

ڪچري جي ڌير تي اڇلايل معصوم ٻارڙن جي لاشن کي شهر جا ڪُتا وات ۾ کنيو ڊوڙندا رهيا جنهن ڪري ٻارڙن جي بدن مان ڄنگهون، ٻانهون ۽ منڍيون پڻ غائب هيون،

شهر جي ماڻهن معصوم ٻارڙن جي لاشن سان اهڙي حالت ڏسي ڪُتن کان لاشن جا باقي بچيل عضوا ڇڏائي انهن کي دفنائي ڇڏيو،

شهرين انڊس اسپتال جي اهڙي غير انساني سلوڪ تي تمام گهڻي ڪاوڙ ۽ غصي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته انڊس اسپتال جي انتظاميه کان اهو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته شهرين کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو وڃي ته جيڪي ٻارڙا مئل حالت ۾ پيدا ٿين ٿا انهن کي پڻ ڪفن دفن ڏئي پوريو وڃي جو اهي به سندن اولاد آهي،

جڏهن ته شهرين انڊس اسپتال انتطاميه کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ته ناجائز ٻار پيدا ڪري انهن کي گهٽي ماري گندگيءَ جي ڍيرن تي اڇلڻ جو سلسلو پڻ بند ڪيو وڃي…..،

 ان سلسلي ۾ جڏهن عوامي آواز ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊاڪٽر محبوب علي خواجا سان رابطو ته ان ٻڌايو ته آئون ٻن ڏينھن جي موڪل تي ڪراچي آيل آھيان ۽ ان واقعي بابت اطلاع مليو آھي معاملي جي جانچ ڪرايان ٿو ۽ ان لاءِ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن چيو ته اھي تازا ڄاول ٻار وارثن جي حوالي ڇو نه ڪيا ويا ۽ انھن کي گندگي جي ڊير تي اڇلائڻ وارو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداش نه ڪيو ويندو،

هوڏانهن انڊس اسپتال بدين جي انتظاميه پاران ان معاملي کي به ٻين معاملن جيان دٻائڻ جي ڪوشش جاري آهي،

صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مندر جي ضلعي ھيڊ ڪواٽر واري اسپتال ۾ ھر روز ڪيترائي انسانيت سوز معاملا جنم وٺن ٿا پر صحت جو وزير ان طرف مڪمل طور خاموش آھي، جنهن تي بدين جي عوام سخت غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے